سياسي گرمي پد ۾ واڌ،”هڪ صفحو“ ڦاٽڻ وارو آهي؟ عمران خان سان ڊيل جا چئوٻول

لاهور(  عمران شفقت )سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان ۾ هڪ پٺيان ٻيو جيڪي واقعا رونما ٿي رهيا آهن، انهن کي ڏسي هر ذي شعور ۽ سادي ذهن ۾ اهو سوال اڀري ٿو ته ڪو نئون جهيڙو  ته ناهي شرع ٿي ويو؟ ڪٿي اسٽيبلشمينٽ ۽ سول حڪومت جي وچ ۾ اندروني طور تي ڪا اڻبڻت ته ناهي ٿي وئي؟ يا ڪٿي سسٽم جي اندر ڪا بيچيني واري ڪيفيت ته ناهي؟سوال اهو آهي ته مولانا فضل الرحمان جون ڳالهيون پاڪستان جي سياسي قيادت يا سياسي بندوبست جي خلاف آهن يا اسٽيبلشمينٽ جي خلاف؟ ۽ ٻئي طرف کان جيڪي جواب ملي رهيا آهن يا جيڪي شيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، اهي ظاهر آهي سامهون اچي وڃن ٿيون ته ان حوالي سان انهن جو ردعمل  ۽ نڪته نظر ڇا آهي. اهڙا ڪيترائي ماڻهو هر دور ۾ موجود هوندا آهن، صورتحال تمام گنڀير آهي،مولانا فضل الرحمان کان علاوه هڪ نئون معاملو جيڪو وڌيڪ کلي ويو آهي، اهو اعجاز الحق وارو معاملو آهي. اعجاز الحق جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو موجوده سياسي حڪومتي بندوبست خراب نموني ناڪام ٿي چڪو آهي. حالانڪه هو پاڻ ان حڪومت جو حصو آهي، اعجاز الحق جي ڳالهين مان  لڳي ٿو ته شايد پاڪستان ۾ جيڪو ”هڪ صفحو“هو، اهو هاڻي هڪ صفحو ناهي رهيو.۽ پوءِ اهي ئي ڳالهيون ياد اچن ٿيون جيڪي سهيل وڙائچ چيون هيون ته ” جيڪڏهن هي حڪومت معيشت ۽ پنهنجو سياسي بيانيو ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، ته پوءِ ايندڙ وقت ان تي دٻاءُ جو هوندو ۽ جولاءِ کان اڳتي اهو ڪم شروع ٿي ويندو.“مولانا فضل الرحمان زبردست ڳالهيون ڪيون پر اهي قومي ميڊيا تي نشر نه ٿي سگهيون. هاڻي ان تقرير جا مختلف حصا ڪلپس جي صورت ۾ شيئر ٿي رهيا آهن.مولانا فضل الرحمان جي هڪ ڪلپ تي سينئر صحافي رؤف ڪلاسرا ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ”مولانا جون سڀ ڳالهيون ٺيڪ هونديون، پر ڪارگل ته 1999 ۾ ٿيو هو ۽ نواز شريف برطرفي کانپوءِ چيو هو ته هو جڏهن به اقتدار ۾ آيو ته ڪارگل تي ڪميشن ٺاهي جنرل مشرف سميت ٽن جنرلن کي سزائون ڏيندو. ڪارگل جي پهاڙين تي اسان جا ٽي هزار فوجي جوان شهيد ٿيا هئا، جن کي پي ٽي وي ان وقت جنرل مشرف جي پاليسي تحت مجاهد چوندي هئي۽ پاڪستاني حڪومت جو ان سان ڪو تعلق نه هو. ان وقت جي فوجي قيادت جو انهن سنگين الزامن تي احتساب ڪرڻ بدران 2002 جي پارليامينٽ ۾ ايم ايم اي جي قيادت قاضي حسين احمد ۽ فضل الرحمان ملي ڪري جنرل پرويز مشرف کي وردي سان گڏ ابتو صدر بڻايو. انھن سڀني قطار ۾ بيهي اسمبلي اندر جنرل مشرف کي وردي سميت ووٽ ڏنو. جڏهن ته  اسٽيبلشمينٽ سان مولانا فضل الرحمان جو جيڪو تعلق، محبت ۽ ورڪنگ رليشن شپ رهي آهي، اها ڪنهن کان ڳجهي ناهي،فضل الرحمان اسٽيبلشمينٽ کي اڻ سڌي ريت مخاطب ٿيندي چيو آهي ته  ”عدم اعتماد جي فضا توهان پيدا ڪئي.“ ماڻهو پهرين ڏينهن کان ڳالهه ڪري رهيا آهن ته مولانا فضل الرحمان کي جيڪڏهن ڪجهه ملي وڃي، ته ٿي سگهي ٿو سندس اهي خيال ۽ جذبات تبديل ٿي وڃن، فضل الرحمان خلاف ماضي ۾  ڊيزل پرمٽ جي  پروپئگنڊا ڪئي وئي پر  ڪو ثبوت نه مليو،هن خلاف  پلازا ، فيڪٽريون دبئي ۾ هوٽل وٺڻ جي به مهم هلائي وئي ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته سياسي قيادت لاءِ سياسي اسپيس گهٽ ٿي آهي، اسٽيبلشمينٽ معاملن جي نزاڪت کي پوري طرح نٿي سمجهي سگهي. بلوچستان ۾ هو چون ٿا ته اسان سڀ ڊيل ڪنداسين، جڏهن ته اهو هڪ سياسي مسئلو آهي، ان کي سياسي عمل جي ذريعي ئي حل ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر مالڪ بلوچ کي  اسحاق ڊار ملاقات لاءِ گهرايو هو، اسٽيبلشمينٽ سياسي عمل کي گنجائش ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ته هي ان جو هڪ ردعمل ٿي سگهي ٿو، هڪ تاثر ڏنو پيو وڃي.اهڙي طرح ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اتي پڻ سياسي قيادت اسٽيبلشمينٽ تي اهو الزام لڳائي ٿي ته اتي به اهي زور زبردستي ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي طريقي سان معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته  مولانا ان سطح جي گفتگو ڪري ته خيال اچي ٿو ته کيس اندروني طور سسٽم مان به ڪنهن نه ڪنهن جي سپورٽ هوندي جڏهن ته  اعجاز الحق  جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته  ته عمران خان سان ڊيل ٿي سگهي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 21 جولاءِ 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like