بار بار محبت ٿي وڃي ته پوءِ اها محبت ڪهڙي؟ پاڻ تي ڀروسو رکي اڳتي وڌو: احد رضا مير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار احد رضا مير ٻيهر محبت بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ان ڳالهه تي يقين نٿو رکي ته انسان کي بار بار محبت ٿي سگهي ٿي.
تازو اداڪار مايا علي کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران ميزبان زندگي ۾ ڪنهن کي ٻيو موقعو ڏيڻ ۽ محبت بابت سوال ڪيو.
ان جي جواب ۾ احد رضا مير چيو”منهنجي خيال ۾ بار بار محبت نٿي ٿي سگهي، جيڪڏهن محبت بار بار ٿي وڃي ته پوءِ اها محبت ڪهڙي؟“
ميزبان سوال ڪيو ته ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته پهرين محبت هڪ غلطي هجي ۽ ٻئي ڀيري سچي محبت ملي وڃي؟
ان تي احد رضا مير چيو ته اهو ممڪن آهي، پر جيڪڏهن ڊپ سبب هر نئين رشتي کي محبت نه سمجهيو وڃي ته اها به صحيح ڳالهه ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته زندگي ۾ ماڻهن کي ٻيو موقعو ڏيڻ گهرجي، پاڻ تي ڀروسو رکڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌڻ گهرجي.
واضح رهي ته احد رضا مير ۽ اداڪارا سجل علي جي شادي 14 مارچ 2020ع تي ابوظهبي ۾ ٿي هئي. بعد ۾ 2021ع ۽ 2022ع دوران ٻنهي جي طلاق بابت خبرون سامهون آيون، پر ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ٻنهي اداڪارن پنهنجي رشتي بابت نه ڪا تصديق ڪئي آهي ۽ نه ئي ترديد.

You might also like