”ڳل، رت يا ٿُڪ جي ٽيسٽ ڪرايو“ ڊبليو ٽِي اَي پاران عورتن جي جينياتي ٽيسٽ لاءِ نئين پاليسي لاڳو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وومينز ٽينس ايسوسيئيشن (ڊبليو ٽِي اَي ) عورت رانديگرياڻين لاءِ جينياتي جنس (جينيٽڪ سيڪس) ٽيسٽ لازمي قرار ڏئي نئين اهليتي پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
ڊبليو ٽي اي موجب، نئين پاليسي تحت هر رانديگرياڻي کي رڳو هڪ ڀيرو جينياتي ٽيسٽ ڪرائڻو پوندي، جڏهن ته ان تي عمل اڱاري کان شروع ٿيندو.
پاليسي موجب، رانديگرياڻين جي ڳل، رت يا ٿُڪ جو نمونو وٺي ”ايس آر واءِ “ جين جي موجودگي جي جاچ ڪئي ويندي، رڳو اهي پليئر ڊبليو ٽي اي ٽور ۾ حصو وٺي سگهنديون، جن جي ٽيسٽ ۾ SRY جين موجود نه هوندي.
ڊبليو ٽي اي جو چوڻ آهي ته جن رانديگرياڻين جي ٽيسٽ مثبت ايندي، انهن جو وڌيڪ طبي معائنو ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽيسٽ کان انڪار ڪندڙ رانديگرياڻين خلاف کاتي ڪارروائي به ٿي سگهي ٿي.
ايسوسيئيشن 2024ع ۾ ٽيسٽوسٽيرون جي سطح تي ٻڌل اهليتي پاليسي ختم ڪندي چيو آهي ته نئين پاليسي جو مقصد عورتن جي مقابلن ۾ منصفاڻي ۽ برابر مقابلي کي يقيني بڻائڻ آهي.

You might also like