پي ٽي آءِ جو باني جي ڀيڻ نورين نيازي جي تڪراري بيان کان لاتعلقي جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين جي ڀيڻ نورين نيازي جي تڪراري بيان کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي سينيٽر بئريسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ جي بيان سان پارٽي جو ڪو به تعلق ناهي.
بئريسٽر علي ظفر چيو ته گذريل رات چيئرمين بئريسٽر گوهر کيس جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ لاءِ چيو، پر سندس ذاتي راءِ آهي ته ڪنهن به اداري جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ گهرجي.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پارٽي جڊيشل ڪميشن جي اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو برقرار رکندي ۽ هو بئريسٽر علي ظفر هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا.
هوڏانهن، نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اَي ) طرفان تڪراري بيان بابت طلب ڪرڻ باوجود نورين نيازي پيش نه ٿي، جڏهن ته سندس وڪيل فيصل ملڪ ايجنسي آفيس پهچي سندس طرفان جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
واضح رهي ته نورين نيازي کي موڪليل نوٽيس ۾ سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف طور غلط ۽ توهين جوڳي بيان بابت وضاحت طلب ڪئي وئي هئي.

 

You might also like