ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل پنهنجي اڪائونٽ اسٽوريج پاليسي ۾ اهم تبديلي ڪندي اعلان ڪيو آهي، هاڻي اينڊرائيڊ فونن جي بيڪ اپ ڊيٽا به گوگل اڪائونٽ جي اسٽوريج جو حصو هوندو.
هن وقت تائين گوگل اڪائونٽ جي اسٽوريج ۾ رڳو گوگل فوٽوز جون تصويرون ۽ وڊيوز، گوگل ڊرائيو جون فائلون ۽ جي ميل جون اي ميلون شامل هونديون هيون، پر نئين پاليسي تحت اينڊرائيڊ بيڪ اپ ڊيٽا به اسٽوريج ۾ ڳڻي ويندي.
گوگل طرفان واهپيدارن کي اي ميل ذريعي نئين ڪلائوڊ بيڪ اپ پاليسي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 45 ڏينهن جو نوٽيس ڏنو ويو آهي، جنهن کانپوءِ اها تبديلي لاڳو ڪئي ويندي.
نئين پاليسي تحت اينڊرائيڊ فون جون سسٽم سيٽنگز، ايپس جي ڊيٽا، ايس ايم ايس پيغام ۽ ڪال هسٽري به گوگل اڪائونٽ جي اسٽوريج ۾ شامل ڪئي ويندي.
گوگل موجب، ان نوٽيس جو مقصد واهپيدارن کي مناسب وقت ڏيڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي اسٽوريج کي منظم ڪن يا بيڪ اپ سيٽنگز ۾ ضروري تبديليون آڻين.
ڪمپني خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اينڊرائيڊ بيڪ اپ سبب اسٽوريج جي حد مڪمل ٿي وئي ته واهپيدارن کي يا ته غيرضروري ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻي پوندي يا وڌيڪ اسٽوريج لاءِ ماهوار فيس تي ٻڌل پلان اختيار ڪرڻو پوندو.
گوگل جي ترجمان موجب، سراسري طور تي اينڊرائيڊ بيڪ اپ لاءِ اٽڪل 40 ايم بي اسٽوريج استعمال ٿيندي، جڏهن ته واهپيدارن کي اهو اختيار پڻ هوندو ته هو پاڻ فيصلو ڪن ته ڪهڙين ايپس ۽ ڪهڙي ڊيٽا جو بيڪ اپ محفوظ رکڻو آهي.
واضح رهي ته هن کان اڳ مئي 2026ع ۾ گوگل نون اڪائونٽن لاءِ مفت اسٽوريج جي حد 15 جي بي مان گهٽائي 5 جي بي ڪرڻ جي آزمائش پڻ شروع ڪئي هئي.
You might also like