مودي سرڪار جي احتجاج ختم ڪرڻ جي اپيل ، ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو مطالبن جي مڃتا تائين تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي صحت واري وفاقي وزير جي پي نڊا ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جي مظاهرين کي احتجاج ختم ڪرڻ ۽ راڄڌاني ۾ معمول جي زندگي بحال ڪرڻ ۾ سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جي پي نڊا چيو ته احتجاج ڪندڙ تنظيم جي نمائندن اڄ صبح پهريون ڀيرو حڪومت سان ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو.
هن چيو ته ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن دوران ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جي نمائندن پنهنجي مطالبن تي ٻڌل لکت ۾ درخواست پڻ پيش ڪئي.
صحت واري وزير مظاهرين تي زور ڏنو ته هو احتجاج ختم ڪري راڄڌاني ۾ زندگي جي ڪارهنوار جي بحالي ۾ حڪومت سان سهڪار ڪن.
ٻئي پاسي، ڪجهه دير اڳ ڪاڪروچ جنتا پارٽي سان واڳيل ٻن اڳواڻن صحت واري وزير سان مختصر ملاقات جي تصديق ڪئي.
پارٽي جي ترجمان سورَو داس ايڪس لکيو ته ” هنن وزير آڏو پنهنجا مطالبا پيش ڪيا، جن ۾ وفاقي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي ترت استعيفيٰ يا برطرفي جو مطالبو به شامل آهي.“
سورَو داس موجب، وزير کين خاطري ڪرائي آهي ته هو معاملي کي مناسب سطح تي اٿاريندو، پر اڃا تائين ڪو واضح واعدو ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙ ان وقت تائين خاموش نه ويهندا، جيستائين سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويندا.
واضح رهي ته گذريل مهيني هڪ انٽرويو دوران وفاقي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان ڪاڪروچ جنتا پارٽي کي وڳوڙي عنصرن جي بي ٽيم قرار ڏنو هو.

You might also like