اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گذريل مالي سال ۾530 ارب 49 ڪروڙ رپين جا موبائل فون درآمد ڪيا، جڏهن ته سالياني بنياد تي موبائل فونن جي درآمد ۾ 1.07 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
سرڪاري دستاويزن موجب، مالي سال 2025-26 ۾ موبائل فونن جي درآمد جو حجم 530 ارب 49 ڪروڙ رپيا رهيو، جڏهن ته مالي سال 2024-25 ۾ اهو انگ 416 ارب 94 ڪروڙ رپيا هو.
دستاويزن موجب، جون 2026 ۾ پاڪستان 39 ارب 45 ڪروڙ 50 لک رپين جا موبائيل فون درآمد ڪيا، جڏهن ته جون 2025 ۾ اها ماليت 39 ارب 4 ڪروڙ رپيا هئي.
رپورٽ موجب، جون 2026 ۾ مهيني جي بنياد تي موبائل فونن جي درآمد ۾11.73 سيڪڙو واڌ پڻ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ موبائل فونن جي درآمد تي دارومدار وڌيڪ وڌي رهيو آهي.