اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) امتحان لاءِ رجسٽريشن ڪرائيندڙ اميدوارن جي انگ ۾ گذريل چئن سالن دوران لڳ ڀڳ 48 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
انگن اکرن موجب، 2022ع ۾ سي ايس ايس لاءِ رجسٽرڊ اميدوارن جو انگ 35 هزار 59 هو، جيڪو 2025ع ۾ گهٽجي 18 هزار 139 رهجي ويو.
ساڳئي عرصي دوران امتحان ۾ شرڪت ڪندڙ اميدوارن جو انگ به 20 هزار 262 مان گهٽجي 12 هزار 792 ٿي ويو.
درخواست ڏيندڙن جي انگ ۾ نمايان گهٽتائي باوجود چونڊيل اميدوارن جو انگ به گهٽجي ويو 2022ع ۾ 239 اميدوار چونڊيا ويا هئا، جڏهن ته 2025ع ۾ اهو انگ گهٽجي 170 رهجي ويو.
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ( ايف پي ايس سي) جي انگن اکرن موجب، وفاقي حڪومت جي عام ڀرتين لاءِ درخواست ڏيندڙن جو انگ به گذريل ڪجهه سالن دوران گهٽيو آهي، پر سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ اڃا به انتهائي ڏکيو آهي.
رپورٽ موجب، 2025ع ۾ سي ايس ايس لاءِ رجسٽرڊ اميدوارن مان رڳو 0.94 سيڪڙو ۽ امتحان ۾ ويهندڙن مان 1.33 سيڪڙو اميدوار ئي چونڊجي سگهيا.
عام ڀرتين ۾ به ساڳيو رجحان ڏٺو ويو2023ع ۾ رجسٽريشن جو انگ 4 لک 36 هزار 757 هو، جيڪو 2025ع ۾ گهٽجي 1 لک 96 هزار 193 رهجي ويو، يعني ٻن سالن ۾ 55 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي.
اهڙي ريت، عام ڀرتين جي امتحان ۾ شرڪت ڪندڙ اميدوارن جو انگ 1 لک 99 هزار 234 مان گهٽجي 80 هزار 633 ٿي ويو.
ان باوجود 2025ع ۾ لڳ ڀڳ 2 لک درخواست ڏيندڙن مان رڳو 3 هزار 5 اميدوارن جي سفارش ڪئي وئي.
انگن اکرن موجب، درخواست ڏيندڙن جو انگ گهٽجڻ باوجود وفاقي سرڪاري نوڪرين لاءِ مقابلو اڃا به سخت آهي، ڇو ته موجود آسامين جي ڀيٽ ۾ اميدوارن جو انگ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي.
You might also like