ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ 2 هزار 400 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2 هزار 400 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 24 هزار 236 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2 هزار 57 رپيا واڌ سان 3 لک 63 هزار 713 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جو مُلهه 24 ڊالر اضافي سان 4 هزار 18 ڊالر تي پهچي ويو.