سکر (ويب ڊيسڪ) سنگرار مان 5 سال اڳ اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي والد راجڪمار ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته پريا رهائي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس پريا ڪماري جي والد تي دٻاءُ آهي، جنهن سبب هن ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻي ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو آهي.
سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ مکي ايشور لعل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راجڪمار چيو ته پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون جاري ڪوششون اطمينان جوڳيون آهن.
راجڪمار واضح ڪيو آهي ته هو ۽ سندس خاندان سڀاڻي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن به غيرقانوني عمل جو حصو بڻجندو.
هن چيو ته تازو قائم ڪيل نئين گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) ۾ حساس ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر پڻ شامل آهن، جنهن سبب کين اميد آهي ته پريا ڪماري جي بازيابيءَ واري ڪيس ۾ جلد اهم اڳڀرائي ٿيندي.
راجڪمار چيو ته سندس حوالي سان سوشل ميڊيا ۽ ڪجهه حلقن ۾ غلط خبرون هلائيون پيون وڃن ته هو پاڪستان ڇڏي ڀارت وڃڻ چاهي ٿو، جيڪي مڪمل طور تي بي بنياد ۽ حقيقت جي ابتڙ آهن.
هن واضح لفظن ۾ چيو ته هو پاڪستان جو شهري آهي، پاڪستان ۾ ئي رهندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڀارت منتقل نه ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ حڪومت پاران قائم ڪيل نئين جي آءِ ٽي سان هو ۽ سندس خاندان مڪمل سهڪار ڪندا، جيئن نينگري کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي وارثن سان ملايو وڃي.
راجڪمار وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي پاران ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻي سان سندس يا سندس خاندان جو ڪنهن به قسم جو واسطو ناهي ۽ هو ان احتجاج ۾ شرڪت نه ڪندا.
هن عوام، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي اپيل ڪئي ته سندس نالي سان ڪوڙي پروپيگنڊا، غلط خبرون ۽ افواهون نه پکيڙيون وڃن.
واضح رهي ته پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪري چڪي آهي، جڏهن ته پريا ڪماري جي والد راجڪمار ان احتجاج کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو رڳو قانوني ۽ آئيني طريقي سان پنهنجي نياڻي جي بازيابي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان سهڪار جاري رکندو.
ٻئي پاسي پريا رهائي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس دعويٰ ڪئي آهي ته پريا ڪماري جي والد راجڪمار تي دٻاءُ آهي، جنهن سبب هن ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻي ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو آهي.
سهڻي پارس چيو ته هندو ڪميونٽي ڊنل آهي ۽ مٿن مقامي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن ۽ حڪومتن جو دٻاءُ آهي، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جدوجهد جاري آهي ۽ معاملي بابت مختلف خدشا موجود آهن.
پريا ڪماريءَ جي والد جو ٻٻرلوءِ ڌرڻي کان لاتعلقي جو اعلان، جدوجهد جاري رهندي: سهڻي پارس
You might also like