ڪراچي(اختيار کوکر)ڪراچي جي وڏي منصوبو بي آر ٽي ييلو لائين ۽ ان ۾ ساڍا اٺ ارب رپين جو وڏو مالي گهپلو سامھون آيو آھي، پر ذميوار رڳو ٻن سرڪاري آفيسرن کي قرار ڏنو ويو آهي. سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا ايڏو وڏو مالي گهپلو رڳو ٻه آفيسر اڪيلي سر ڪري سگهن ٿا يا وري ان کان مٿي اعليٰ سطح تي به ڪا ڪارروائي ٿيڻ گهرجي؟گرفتار ٿيل جوابدار ۽ اڳوڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽرضمير عباسي ۽ ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جهامن داس تي الزام آهي ته هنن ضابطن جي خلاف ورزي ڪندي ٺيڪيدارن کي غير قانوني طور تي اڳواٽ (ايڊوانس) ادائيگيون ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.پر سوال هي به آهي ته ڇا 600 ملين ڊالرز جي عالمي بئنڪ جي فنڊنگ سان هلندڙ هن منصوبي ۾ ٿيندڙ هن فراڊ جا ذميوار رڳو اهي ٻه آفيسر ئي هئا؟ يا وري ان کي روڪڻ ڪنهن ٻئي جي به ذميواري هئي؟هي منصوبو سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي جي ماتحت اداري سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (SMTA) جي نگرانيءَ ۾ هلي رهيو آهي.منصوبي جي ٻي نگراني چيئرمين پي اينڊ ڊي جي سربراهي ۾ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي ڪري ٿي.ان کانسواءِ عالمي بئنڪ به مسلسل ان جي مانيٽرنگ ڪري رهي آهي.هڪ سال تائين مالي گهپلو هلندو رهيوضمير عباسي فيبروري 2025ع کان فيبروري 2026ع تائين پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته مبينه غير قانوني اڳواٽ ادائيگيون مارچ 2025ع کان ئي شروع ٿي چڪيون هيون. يعني لڳ ڀڳ هڪ سال تائين اربين رپين جون غير قانوني ادائيگيون ٿينديون رهيون.ان کان پوءِ اوچتو هڪ نئون پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اچي ٿو ۽ هو 23 فيبروري 2026ع تي هڪ رپورٽ پيش ڪري ٿو ته منصوبي ۾ ساڍا اٺ ارب رپين جون وڌيڪ ادائيگيون غير قانوني طور ڪيون ويون آهن. ان کانپوءِ 30 مارچ تي چيف سيڪريٽريءَ کي ان بابت رپورٽ موڪلي وڃي ٿي.ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته ييلو لائين بي آر ٽي اسان ورلڊ بئنڪ سان گڏجي ٺاهي رهيا آهيون.پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اڳواٽ ادائيگيون ڪيون هيون. نئين پي ڊي جڏهن اسان کي ان بابت ٻڌايو ته بطور وزير مون فوري طور سنڌ حڪومت کي لکت ۾ خط لکيو ته اهڙيون ادائيگيون ٿيون آهن جيڪي نه ٿيڻ کپنديون هيون. معاملو علم ۾ اچڻ بعد سنڌ حڪومت پاڻ ايڪشن ورتو آهي،پر اصل سوال اڃا به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته جڏهن هڪ سال تائين اهي ادائيگيون ٿينديون رهيون ۽ هر ٻن کان ٽن مهينن کانپوءِ منصوبي بابت اعليٰ سطح تي بريفنگز به ٿينديون رهيون، تڏهن مالي پروگريس ۽ زميني حقيقتن جي وچ ۾ ايڏو وڏو فرق ڇو نظر نه آيو؟ ڇا هيءَ ملي ڀڳت هئي، هن ڪيس جو شريڪ جوابدار جهامن داس ڪير آهي ۽ هو اڃا تائين گرفتار ڇو ناهي ٿي سگهيو؟جهامن داس بلديات کاتي جو گريڊ 17 جو هڪ نان-سول سرونٽ (ڪائونسل ملازم) آهي.سوال اهو آهي ته هو 173 ارب رپين جي غير ملڪي فنڊنگ سان هلندڙ ايڏي وڏي منصوبي ۾ ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جهڙي اعليٰ عهدي تائين ڪيئن پهتو؟هن جي سفارش ڪنهن ڪئي؟ منظوري ڪنهن ڏني؟ چيف سيڪريٽري جي سيڪريٽريٽ ۽ محڪمي سروسز مان ان جو نوٽيفڪيشن ڪيئن جاري ٿيو؟
ضمير عباسي ڪيس ۾ اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل کان وضاحت طلب
ڪراچي (رپورٽر)بي آرييلولائن منصوبي ۾ مبينا ڪريشن واري ڪيس ۾ جوابدار ضمير عباسي کي ضمانت جي درخواست تي اين او سي ڏيڻ اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل کي مهانگو پئجي ويو.پراسيڪيوٽر جنرل سنڌاسسٽنٽ پراسيڪيوٽر عبدالغفار ڪلهوڙو کان وضاحت طلب ڪري ورتي، پاليسي جي خلاف ورزي تي اسپيشل پراسيڪيوٽر کان وضاحت گهري وئي.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر پنجن ڏينهن اندر پاليسي جي خلاف اين او سي ڏيڻ تي وضاحت طلب ڪري،پراسيڪيوٽر جنرل سنڌشبير شاهه چيو ته پراسيڪيوٽر ڊپارٽمينٽ کان اين او سي سرٽيفڪيٽ جي ڪا پاليسي ناهي.ڪيس جو پراسيڪيوٽر پاڻ اين او سي نٿو ڏئي سگهي،