سنڌ هاءِ ڪورٽ خوراڪ کاتي کي خانگي گودامن تي ڇاپن ۽ ڪڻڪ سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بينچ خوراڪ کاتي کي خانگي گودامن تي ڇاپا هڻڻ ۽ ڪڻڪ سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ خوراڪ کاتي جي ڪارروائي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت خوراڪ کاتي کي نجي گودامن تي ڇاپا هڻڻ ۽ ڪڻڪ سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
فلور ملز مالڪن جي درخواست ايڊووڪيٽ قربان ملاڻي داخل ڪئي هئي، وڪيل موجب، خوراڪ کاتي سيزن دوران ڪڻڪ جي خريداري نه ڪئي.
وڪيل وڌيڪ چيو ته خوراڪ کاتو هاڻي خانگي ماڻهن جي خريد ڪيل ڪڻڪ کڻي رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير سبب آبادگارن کي نقصان پهتو.
عدالت حڪم ڏنو ته خانگي ماڻهن جي نه ڪڻڪ کنئي وڃي ۽ نه ئي گودامن کي سيل ڪيو وڃي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي
.

You might also like