ڪراچي رينجرز ڪيمپ حملي ۾ ڀارت ملوث نڪتو، ماسٽر مائينڊ سوڌو هڙئي سهولتڪار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ رينجرز ڪيمپ تي ٿيل حملي بابت صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار پوليس آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اهم انڪشاف ڪيا آهن.
گهرو وزير موجب، رينجرز ڪيمپ تي حملي ۾ ڀارت ملوث نڪتو آهي ۽ ان حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي هئي.
هن چيو ته رينجرز ڪيمپ تي 4 دهشتگردن حملو ڪيو هو، جن مان ٽي دهشتگرد افغاني هئا، جڏهن ته هڪ جو تعلق باجوڙ سان هو.
سندس چوڻ هو ته ته حملي جي ماسٽر مائينڊ قاري بشير کي رينجرز گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي.
ان موقعي تي ايس ايس پي سي ٽي ڊي تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته حملي ۾ ملوث دهشتگردن جا نالا جانان، عبدالهادي، عمر فاروق ۽ عثمان آهن، دهشتگرد عثمان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي،
سي ٽي ڊي موجب، دهشتگردن کي افغانستان کان بلوچستان جي رستي ڪراچي پهچايو ويو هو، جڏهن ته هن حملي ۾ 13 سهولتڪار به ملوث هيا، جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
گهرو وزير ۽ پوليس آفيسرن موجب، سمورن گرفتار دهشتگردن ۽ سهولتڪارن پنهنجن ڏوهن جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

You might also like