ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وطن جي دفاع ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيد ۽ غازي سڄي قوم جو فخر آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي معمولي قرار ڏيڻ انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن دهشتگردي خلاف جنگ، سرحدن جي حفاظت ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.
سندس چوڻ هو ته هٿياربند فوجن جي قربانين جو احترام هر پاڪستاني جي قومي ۽ اخلاقي ذميواري آهي، جڏهن ته شهيدن جي وارثن جي قربانين کي نظرانداز ڪرڻ يا انهن بابت غير ذميواراڻا تبصرا ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳا ناهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جمهوريت ۾ اختلافِ راءِ جو حق سڀني کي حاصل آهي، پر شهيدن خلاف زهر اوڳاڇڻ قومي ايڪي جي مفاد ۾ ناهي.
هن وڌيڪ چيو هو ته سياسي اختلافن کي قومي سلامتي ۽ وطن جي دفاع سان لاڳاپيل ادارن جي احترام کان الڳ رکڻ گهرجي، جڏهن ته سياسي ۽ سماجي حلقن کي اهڙي ٻولي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪا قومي ادارن ۽ شهيدن جي وارثن جي جذبن کي ڏک پهچائي.
شهيد ۽ غازي قوم جو فخر آهن، هٿياربند فوجن جي قربانين جو احترام هر پاڪستاني جي ذميواري آهي: شرجيل ميمڻ
You might also like