ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بينچ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار انيس احمد خاصخيلي کي سڀني الزامن مان بري ڪري ڇڏيو.
جسٽس عمر سيال ۽ جسٽس محمد عبدالرحمان 26 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ ماتحت عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي جوابدار کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جيڪڏهن انيس احمد خاصخيلي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه هجي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت جوابدار خلاف ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڌمڪيون ڏئي دٻاءُ وجهڻ بابت به ڪو به قابل قبول ثبوت پيش نه ڪيو ويو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته انيس احمد خاصخيلي جي ڪنهن به غيرقانوني عمل جا ثبوت سامهون نه آيا آهن.
واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت 30 جنوري 2023ع تي انيس احمد خاصخيلي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته ماتحت عدالت کيس عمر قيد، ڏنڊ ۽ پيڪا ايڪٽ تحت پڻ سزا ڏني هئي.
ياد رهي ته نائلا رند سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي آخري سال جي شاگردياڻي هئي، جنهن جو پهرين جنوري 2017ع تي ڄامشورو ۾ ماروي گرلز هاسٽل جي ڪمري ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو هو.
واقعي کانپوءِ انيس خاصخيلي سميت ٻين خلاف هراسان، بليڪ ميلنگ ۽ آپگهات تي ورغلائڻ جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
You might also like