ميرين ٽريفڪ ويب سائيٽ موجب آبناءِ هرمز مان گذرندڙ سامونڊي جهازن جي ٽريفڪ پنج هفتن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڳو پنج واپاري جهاز آبناءِ هرمز مان گذري سگهيا، جن ۾ خام تيل کڻندڙ ٻه وڏا جهاز شامل هئا، جڏهن ته ٽي خالي ٽينڪر پڻ خليج ۾ داخل ٿيا. گهڻن سامونڊي جهازن عمان واري رستي بدران ايراني رستي کي ترجيح ڏني.
ان کان اڳ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران جو آبناءِ هرمز تي ڪنٽرول ناهي.