بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ سامونڊي اچ وڃ واري معاملي کي مناسب نموني سان سنڀالڻ گهرجي.
ترجمان موجب آبناءِ هرمز عالمي سامونڊي واپار جي هڪ اهم گذرگاهه آهي ۽ ان ۾ آزاد ۽ محفوظ جهازراني جي بحالي سڀني ملڪن جي مفاد ۾ آهي.