چنائي سُپر ڪنگز جي تاريخ جو يادگار باب بند، فليمنگ 18 سالن کانپوءِ فرنچائز کي الوداع چئي ڇڏيو

چنائي (ويب ڊيسڪ) چنائي سپر ڪنگز (سي ايس ڪي) ۽ هيڊ ڪوچ اسٽيفن فليمنگ گڏيل رضامنديءَ سان پنهنجو 18 سالن جو گڏيل سفر ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
فرينچائز طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اهو فيصلو اسٽيفن فليمنگ ۽ سي ايس ڪي جي انتظاميا وچ ۾ کليل ڳالهين ۽ گڏيل راضپي کانپوءِ ڪيو ويو.
واضح رهي ته اسٽيفن فليمنگ 2008ع ۾ آءِ پي ايل جي پهرئين سيزن دوران رانديگر طور سي ايس ڪي ۾ شامل ٿيو هو، جڏهن ته 2009ع کان هيڊ ڪوچ جون ذميواريون سنڀاليون.
فليمنگ جي قيادت هيٺ، ايم ايس ڌوني سان گڏجي چنائي سپر ڪنگز آءِ پي ايل جون 5 ٽرافيون ۽ 2 چيمپيئنز ليگ ٽي ٽوئنٽي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيا.
سندس دور ۾ سي ايس ڪي رڪارڊ 12 ڀيرا پلي آف ۾ پهتي ۽ 10 آءِ پي ايل فائنل کيڏي.
سي ايس ڪي آخري ڀيرو 2023ع ۾ آءِ پي ايل جو ٽائيٽل کٽيو، ان کانپوءِ 2024ع ۾ پنجين، 2025ع ۾ آخري ۽ 2026ع جي سيزن دوران اٺين پوزيشن تي رهي.
فليمنگ ڏکڻ آفريڪا جي ايس اي ٽوئنٽي ۽ آمريڪا جي ميجر ليگ ڪرڪيٽ(ايم ايل سي) ۾ به سپر ڪنگز جي ٽيمن جي ڪوچنگ ڪئي، پر اهي ٽيمون ڪنهن به فائنل تائين پهچي نه سگهيون.
سي ايس ڪي جي مالڪياڻي روپا گروناٿ چيو ته اسٽيفن فليمنگ اٽڪل ٻن ڏهاڪن تائين ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جي دل رهيو ۽ هن ٽيم جي سڃاڻپ، ويزن ۽ ڪاميابي کي نئين شڪل ڏني.
ٻئي پاسي پنهنجي الوداعي پيغام ۾ اسٽيفن فليمنگ چيو ته” 18 سال راندين جي دنيا ۾ هڪ ڊگهو عرصو ٿئي ٿو، هو سي ايس ڪي سان گهاريل وقت تي فخر ڪري ٿو ۽ ٽيم هميشه سندس دل جي ويجهو رهندي.“

 

You might also like