ايراني جهاز کي لهڻ کان روڪڻ لاءِ يمني فوج جو صنعا ايئرپورٽ تي حملو

يمن جي هٿياربند فوج اعلان ڪيو آهي ته هن صنعا ايئرپورٽ جي رن وي کي نشانو بڻايو ته جيئن هڪ ايراني جهاز کي اتي لهڻ کان روڪي سگهجي.

يمن جي بچاءَ واري وزارت صنعا ايئرپورٽ کي فوري طور خالي ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪندي خبردار ڪيو ته يمني هوائي حدن ۽ خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪنهن به جهاز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

يمني هٿياربند فوج پنهنجي بيان ۾ چيو ته يمني عوام ۽ قيادت پنهنجي زمين، سامونڊي حدن ۽ هوائي خودمختياري جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻندا، ڀلي ان جا نتيجا جيڪي به هجن.

ان کان اڳ يمني اختيارين دعويٰ ڪئي هئي ته حوثين صنعا ايئرپورٽ تي ريڊ ڪراس جي هڪ پائلٽ ۽ سندس مددگار کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي.

يمني صدارتي قيادتي ڪائونسل جي چيئرمين رشاد العليمي تازين ڇڪتاڻن ۽ انهن جي ممڪن نتيجن جو ذميوار حوثين کي قرار ڏنو.

You might also like