راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد چيو آهي ته اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود ڪپتاني وڃائڻ باوجود ٽيم لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ هڪ سينيئر رانديگر طور پنهنجو ڀرپور حصو وجهندو.
ويسٽ انڊيز روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته هن شان مسعود سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ سندس حوصلا بلند آهن.
سندس چوڻ هو ته شان سٺي تياري ڪئي، پر کيس هيمسٽرنگ جي معمولي تڪليف هئي، پر سندس رويو هاڪاري رهيو.
سرفراز چيو ته شان مسعود هڪ سينيئر ۽ ڏاهو رانديگر آهي، هو حالتن کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو، جيئن هن ڪپتان طور ٽيم جي خدمت ڪئي، تيئن هاڻي هڪ رانديگر طور به اهم ڪردار ادا ڪندو.
هن چيو ته پاڪستان ٽيم ويسٽ انڊيز جي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڀرپور تياري ڪئي آهي.
لاهور ۾ هڪ مهيني جي تربيتي ڪئمپ کانپوءِ رانديگرن کي ڪجهه ڏينهن جي موڪل ڏني وئي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ ٽن ڏينهن جي وڌيڪ ڪئمپ پڻ لڳائي وئي.
سرفراز موجب، ويسٽ انڊيز جي موسم ۽ پچن کي ذهن ۾ رکي گاهه واريون ۽ اسپن لاءِ سازگار پچون تيار ڪيون ويون، جتي رانديگرن کي ٻنهي ڪنڊيشن ۾ مشق ڪرائي وئي.
هن چيو ته ٽرينڊاڊ ۾ چئن ڏينهن واري وارم اپ ميچ به ٽيم کي مقامي حالتن سان هم آهنگ ٿيڻ ۾ مدد ڏيندي.
هيڊ ڪوچ تازن خراب نتيجن جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان جون تازيون ٽيسٽ سيريزون اميدن موجب نه رهيون، پر گذريل هڪ مهيني دوران رانديگرن سان انفرادي ملاقاتون ڪري کين ذميواريون سمجهايون ويون آهن.
هن بابر اعظم کي ٻيهر ٽيسٽ ڪپتان مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بابر وٽ قيادت جو وڏو تجربو آهي ۽ هو اڳ به پاڪستان جي ڪاميابي سان قيادت ڪري چڪو آهي.
سرفراز احمد چيو ته ٽيم جي هدف ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ آهي.
شان مسعود جا حوصلا بلند آهن، بابر اعظم جي قيادت ۾ ويسٽ انڊيز کي مات ڏينداسين: سرفراز احمد
You might also like