ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 3 هزار 800 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 29 هزار 736 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 3 هزار 258 رپيا لاٿ بعد 3 لک 68 هزار 429 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون 38 ڊالر گهٽائي کانپوءِ 4 هزار 73 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي.
You might also like