اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت پيرسوهاوا ۾ قائم مونال ريسٽورنٽ کي ڊاهڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
عدالت سي ڊي اي ۽ ميٽروپوليٽن سٽي جون اپيلون منظور ڪندي اڳ ۾ جاري ڪيل اسٽي آرڊر به ختم ڪري ڇڏيو.
آئيني عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ملڪيت بابت فيصلو ٽرائل عدالتون عدالتي آبزرويشنز کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ ڪنديون، جڏهن ته انتظامي معاملن بابت فيصلا لاڳاپيل ريگيوليٽري ادارا ڪندا.
عدالت ٽرائل عدالتن کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل ڪيسن جا فيصلا جلد کان جلد ٻڌائين.
ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪيترن ئي اهم نڪتن کي نظرانداز ڪيو ويو.
هن چيو ته ڪيس داخل ڪرڻ يا نظرثاني جي درخواست تي عدالت ناراض ٿي وئي هئي، پر اسان جذباتي نه پر قانون موجب فيصلو ڪنداسين.
وڪيل احسن ڀون عدالت جي طريقيڪار جي واکاڻ ڪئي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته عدالت ۾ تعريفون نه ڪيون وڃن، جيڪو ڪجهه ٻڌڻي دوران سامهون آيو، ان ئي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو.
جسٽس حسن اظهر رضوي وڌيڪ چيو ته فيصلي ۾ ”الف ليليٰ“ جون ڪهاڻيون نه لکنداسين، فيصلو پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته ان ۾ ڪيترائي اهڙا معاملا شامل ڪيا ويا، جيڪي عدالتي ڪارروائي جو حصو نه هئا.
ان کانپوءِ وفاقي آئيني عدالت مونال ريسٽورنٽ کي ڊاهڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.