لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي جي ڊيزائن ۾ مبينا تبديلي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
حڪومت منصوبي جي ڊيزائن ۾ مبينا تبديلي جي جاچ جي شروعات ڪندي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) قائم ڪرڻ تي به غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پڻ راولپنڊي ڊولپمينٽ اٿارٽي (آر ڊي اي) کان منصوبي جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، اين او سيز، منظور ٿيل نقشا ۽ ٻين لاڳاپيل منظوريَن جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي.
ذريعن ٻڌايو ته رنگ روڊ سروس ايريا منصوبي تي 75 ڪروڙ 32 لک رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي، جڏهن ته سرڪاري بقايائن جي مد ۾ 3 ڪروڙ 17 لک 84 هزار رپيا جمع ڪرايا ويا هئا.
واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت دوران رنگ روڊ جي ڊيزائن ۾ مبينا تبديلي جو معاملو سامهون آيو هو، جنهن تي راولپنڊي جي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي وئي هئي.