ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پنجن سالن کان تعمير هيٺ رهندڙ يونيورسٽي روڊ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ لاپرواهي جو چٽو مثال بڻجي ويو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته يونيورسٽي روڊ پنجن سالن کان مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي لاءِ هڪ وڏو سوال بڻيل آهي. هن چيو ته يونيورسٽي روڊ پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ لاپرواهي جي نشاني بڻجي ويو آهي، تنهن ڪري پيپلز پارٽي کي هن منصوبي تي ٿورو ڌيان ڏيڻ گهرجي.
مفتاح اسماعيل چيو ته اردو يونيورسٽي جي استادن کي پگهارون نٿيون ملن، حڪومت واپارين ۽ شهرين کان ٽيڪس ته وصول ڪري ٿي، وچولي طبقي جا ٻار هتي تعليم حاصل ڪن ٿا، پر استادن کي گذريل ٽن مهينن کان پگهارون ناهن مليون.
هن وڌيڪ چيو ته تازو جاري ٿيل ليو ايبل انڊيڪس ۾ دنيا جي 173 شهرن کي شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪراچي جو نمبر 170 آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي حڪومت ڪندي 18 سال ٿي ويا آهن، هاڻي اها ڳالهه نٿي چئي سگهجي ته ان جو ذميوار جنرل ضياءُ يا پرويز مشرف آهن.
عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي حالت سڀ کان وڌيڪ خراب آهي، جڏهن ته صحت ۽ پوليس جي صورتحال به سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران پاڪستانين جي سراسري آمدني گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو بنيادي سبب حڪومت طرفان لاڳو ڪيل ٽيڪس آهن.
مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت جي پنهنجي انگن اکرن موجب گذريل چئن سالن ۾ مهانگائي 78 سيڪڙو وڌي آهي. پگهار تي گذارو ڪندڙ ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته 29 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.
عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي مهانگائي جو وڏو سبب عالمي مارڪيٽ کان وڌيڪ حڪومت طرفان لاڳو ڪيل ٽيڪس آهن. هن چيو ته فيبروري ۾ تيل جي قيمتن ۾ بي بنياد واڌ ڪئي وئي ۽ آئل ريفائنرين کي 75 ارب رپين جو فائدو ڏنو ويو، جنهن جي هاڻي جاچ ڪرائي پئي وڃي.