بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين ۾ ٻوڏ سبب سوين نانگ ۽ وانڳون لڙهندي اچي شهري آبادي وارن علائقن تائين پهچي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، چين ۾ طوفان ميساڪ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ان دوران مختلف حادثا پيش آيا، جن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت پڻ ٿيا آهن.
ڏکڻ چين جي شهر هانگزو ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهي سان گڏ ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پڻ پکڙجي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي فارمن جون حفاظتي ڀتيون ڪري پيون، جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 900 نانگ ڀڄي نڪري ويا. انهن مان ڪيترائي نانگ آبادي وارن علائقن ۾ داخل ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي واڳون به ٻوڏ جي پاڻي ۾ ترندي نظر آيا.
رپورٽن مطابق، ٻوڏ ۾ وهي آيل نانگن مان گهڻا زهريلا آهن. انهن نانگن ڪيترن ئي شهرين کي ڏنگ هنيا آهن، جن مان هينئر تائين هڪ عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف وڊيوز به وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ نانگن کي نه رڳو ٻوڏ جي پاڻي ۾ پر ماڻهن جي گهرن اندر به ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته واڳن سان گڏ وڏي انگ ۾ بدڪون به پاڻي ۾ وهندي نظر اچي رهيون آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٻوڏ سبب هينئر تائين مختلف حادثن ۾ 39 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
ان کانسواءِ، چڙيا گهر ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻين جانورن سان گڏ 2 زيبرا، هڪ ڪوهان وارو ڍڳو، 3 ننڍا قد وارا گهوڙا ۽ 2 گڏهه به ٻاهر نڪري ڀڄي ويا.