ملڪ ۾ گذريل ڏينهن سون جي قيمت ۾ گهٽتائي کان پوءِ اڄ ٻيهر واڌ ٿي وئي آهي.
آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، 1,100 رپيا واڌ کان پوءِ ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت 4 لک 33 هزار 536 رپيا ٿي وئي آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 943 رپيا وڌڻ کان پوءِ 3 لک 71 هزار 687 رپيا ٿي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي في اونس قيمت 11 ڊالر وڌي 4 هزار 111 ڊالر ٿي وئي آهي.