تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي مرڪزي ڳالهين واري نمائندي ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا سان جاري تڪرار ڪڏهن به ايران جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ سان ختم نه ٿيندو.
ايراني ميڊيا موجب، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا مفاهمتي يادداشت کان پوئتي هٽيو ته ايران پنهنجي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به مهل آمريڪا هن مفاهمت کان ڦري ويو ته اسين ڀرپور دفاع ڪنداسين، ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ ايراني عوام جي حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته جنگ جو خاتمو دنيا جي سڀني ملڪن جي ترجيح آهي، پر سڀني کي ڄاڻڻ گهرجي ته هي تڪرار ايران جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ سان هرگز ختم نه ٿيندو.
محمد باقر قاليباف مسلم ملڪن تي زور ڏنو ته هو آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف متحد ٿي بيهن.