ايران جو گڏيل قومن کان آمريڪا جو احتساب ڪرڻ جو مطالبو

تهران(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني آمريڪا تي غير قانوني قدمن جو الزام لڳائيندي عالمي اداري کان مطالبو ڪيو آهي ته واشنگٽن کي ان جي عملن تي جوابده بڻايو وڃي.

هن چيو ته آمريڪا پنهنجي غير قانوني ڪاررواين سبب پيدا ٿيندڙ سڀني قانوني ۽ سياسي نتيجن جو ذميوار آهي، ۽ گڏيل قومن کي ان کي روڪڻ لاءِ مؤثر ۽ فيصلائتا قدم کڻڻ گهرجن.

You might also like