لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا هانيه عامر هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بولڊ لباس سبب تنقيد جي وري چڙهي وئي آهي.
هانيه عامر تازو هڪ تقريب ۾ ڪاري رنگ جو اولهه جي طرز جو لباس پائي شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ سندس شرڪت جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن، جتي واهپيدار مختلف قسمن جا رايا ۽ تبصرا ڪري رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدارن هانيه عامر جي لباس کي نامناسب قرار ڏيندي تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه واري ان معاملي تي مٿس ٽوڪ ڪري رهيا آهن.