ٽيڻو قتل ڪيس: ام رباب جي الزامن کانپوءِ مرتضيٰ چانڊيو جو ردعمل به اچي ويو

ميهڙ(ويب ڊيسڪ) ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل واري واقعي ۾ الزام هيٺ آيل جوابدار مرتضيٰ چانڊيو به پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.
مرتضيٰ چانڊيو پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ام رباب چانڊيو هن جي ڪيس ۾ کيس ۽ سندس عزيزن جا نالا ناحق شامل ڪري ناجائزي ڪري رهي آهي.
هن پنهنجي بيگناهي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو واقعي جي شفاف جاچ ڪرائن ته جيئن اصل جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي.
مرتضيٰ چانڊيو اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته هو هن معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ يقيني بڻائين ته ڪيس ۾ ڪنهن به بيگناهه ماڻهوءَ کي نه ڦاسايو وڃي ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيو وينديون.

 

You might also like