حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پريا ڪماري سميت ڪيترائي مغوي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن پر سنڌ سرڪار ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ بدران انهن جي مان ۾ ماني جون دعوتون رکي رهي آهي. صوبائي گهرو وزير چئي ٿو ته پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيل مارجي ويو آهي پر اهو نٿو ٻڌائي ته ان ڌاڙيل جو نالو ڇا هو، ڪيئن مارجي ويو ۽ ڌاڙيل مارجڻ باوجود پريا ڪماري بازياب ڇو ڪو نه ٿي. گهرو وزير جو اهو بيان پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ سنڌي قوم جي هلندڙ جدوجهد تي ٽوڪ ۽ چٿر آهي. ضياء لنجار کي پريا ڪماري جي آزادي کان وڌيڪ ڌاڙيلن جي ماني جي ڳڻتي آهي جو اهو ڌاڙيلن کي زمينون ڏيڻ جا مطالبا ڪندو رهندو آهي. هنن چيو ته سنڌ سرڪار پريا ڪماري، فضيلا سرڪي ۽ اجالا پروين سولنگي سميت ڪنهن به مغوي جي بازيابي لاءِ سنجيده ناهي، آءِ جي سنڌ پوليس پريا ڪماري جي مسئلي کي مئل مسئلو قرار ڏئي پريا ڪماري کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.