بلوچستان مسئلي جو ڪنهن وٽ به حل ناهي،نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي؛اختر مينگل

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي سربراهه سردار اختر جان مينگل پي ٽي آءِ پاران بلوچستان جي مسئلن تي ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان بلوچستان جون ڪجهه شين کي هائي لائٽ ڪيو آهي، پر اڃا تائين بلوچستان جي سياسي، اقتصادي ۽ مجموعي حالتن تي مان ڏسي رهيو آهيان ته ائين  ڪوهيڙو ڇانيل آهي، جهڙو ڪنهن موسم ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد جي موٽر وي تي هوندو آهي، هن چيو ته هڪ وڊيو ۾  بلوچستان جي حالتن جي هڪ معمولي جهلڪ هئي. اهو صرف روڊ جي سطح تي جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن، پر شهرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ بلوچستان جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ گهرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ان جو توهان اندازو نٿا ڪري سگهو.هن چيو ته جبري گمشدگيون  ايتريون وڌي ويون آهن جو  مون کي مجبوريءَ ۾ ڪلڪيوليٽر استعمال ڪرڻو پيو.اهي حالتون اوچتو پيدا ناهن ٿيون، ان جي پٺيان هڪ تمام وڏي ۽ خوفناڪ تاريخ آهي. ڪيترائي ڊڪٽيٽر آيا.  پر جڏهن سياسي پارٽين حڪومتون ڪيون، انهن جي دورِ حڪومت ۾ پوءِ بلوچستان جو اشو ڇو حل نه ٿيو؟ بلوچستان جي مسئلي تي ڇو ڌيان نه ڏنو ويو؟ بلوچستان کي ڇو هميشه يتيم خانو رکيو ويو؟هن چيو ته وقت جي ضرورت موجب جيڪڏهن چند ووٽ گهرجن ته پوءِ بلوچستان ياد اچي ويندو آهي، رياستي دهشتگردي شروع ڪئي وئي، اهو سوچڻو پوندو ته نوجوانن جي هٿن مان قلم ۽ ڪتاب کسي بندوق ۽ بارود ڇو ڏنو ويو؟ اڄ جن جبلن جو رخ ڪيو آهي، مان قطعي ائين نه چوندس ته اسان دهشتگرديءَ کي سپورٽ ڪريون ٿا، پر ان دهشتگرديءَ کي پاليندڙ يا ان کي ٺاهيندڙ ڪير آهن؟ هن چيو ته هڪ سينيٽ ميمبر، جنهن جو تعلق حڪومت سان آهي، ان پنهنجي سينيٽ جي تقرير ۾ چيو ته هڪ لک جي قريب نوجوان جبلن تي ويا آهن. پر ان جي ان جملي تي کيس غيرملڪي قرار ڏنو ويو ته هي غيرملڪي سينيٽ ۾ آيو ڪيئن؟ هن چيو ته هاڻي ان کان علاوه اهڙا ڏکيا لفظ اهي ٺاهين ٿا جيڪي اسان کي سمجهه ۾ نٿا اچن.فتنه الهند خوارج، هي سڀ آيا ڪٿان آهن؟ اهو فتني جو شيطان پهريان ڳولهيو! هن چيو ته اسان ڪافي عرصي کان ان جي نشاندهي ڪندا رهيا آهيون ته خدارا، ان پارليامينٽ ۾ به چيو، ته  بلوچستان جي مسئلي کي توهان سنجيده وٺو، نوجوان اسان جي هٿن مان نڪرندو پيو وڃي پهرين بلوچن ۽ پشتونن کي”را“ ايجنٽ چيو ويندو هو، هاڻي ماشاءَ الله ڪشمير به هندستان جو ايجنٽ تقريبن 90 سيڪڙو ٿي ويو آهي.هن چيو ته صرف سرٽيفڪيٽ ۽ الزامن سان ڇا توهان بلوچستان ۽ پاڪستان جي مسئلن کي حل ڪري رهيا آهيو؟ هن چيو ته  زيارت جي پرفضا ماحول ۾ دنيا جهان جا سياح ايندا هئاسين، اڄ ان ئي صنوبر جي وڻن جي هيٺان زيارت جي واسين جا لاش دفن ڪيا ويا آهن. ڪير ان جو ذميوار آهي؟هن چيو ته اسيمبلين ۾ ڪنهن  وزير جي واتان توهان ڊيٿ اسڪواڊ جو نالو ٻڌو آهي؟ جيڪي بلوچستان جي هر شهر ۾ پکڙيل آهن، جن کي ماڻهو مارڻ جو  لائسنس ڏنو ويو آهي پاڪستان جو جهنڊو لڳائي اهي چاهي ان ۾ ڪنهن جو لاش رکن، چاهي  منشيات  رکن، ڪنهن به قسم جو هٿيار رکن، انهن کي ڪو پڇڻ وارو ناهي،هن چيو ته  اڃا اطلاع مليو ته جيڪي زيارت مان پهرين ڪجهه کڻي ويا هئا، انهن ماڻهن جا لاش مليا آهن، بلوچستان واسي لاوارث  ٿي ويا آهن. پر وڏو وزير چوي ٿو ته بالڪل امن امان آهي، هن چيو ته خضدار جي تعلقي  زهري ۾ گذريل تقريبن نو مهينن کان ڪرفيو آهي. اتي سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ٿيو ته اهلڪار ڀڄي ويا ۽ اڳتي اچي اسان جي پارٽي جي اڳواڻ سردار نصير جي گهر جي سامهون اچي آواز ڏين ٿا،سردار نصير موسياني گهران نڪري ٿو ته هڪ  ميجر گندي ٻولي ۾ کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو  ۽ اشارو ڪري ٿو ته هي ئي دهشتگرد آهي.سپاهين ان پيرسن تي تشدد ڪن ٿا،ڇا توهان مان ڪو اهو برداشت ڪندو ته توهان جي بزرگ والد جي توهان جي سامهون بي عزتي ڪئي وڃي، اهو پٽ جذباتي ٿئي ٿو، ته ان ميجر جو گريبان پڪڙي ٿو. اهي فائر ڪن ٿا، پيءُ جي سامهون پٽ کي شهيد ڪن ٿا، ان جي لاش کي گهليندي گاڏي ۾ وجهن ٿاهن چيو ته واقعي خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو ته انهن تي مارٽر اڇلايا وڃن ٿا جنهن ۾ عورتون زخمي ٿين ٿيون. هن چيو ته  25-25 ، 15-15 سالن تائين ماڻهن کي خبر ناهي ته انهن جا پٽ زنده آهن يا ماريا ويا آهن. ان کي توهان اسلامي رياست چئو ٿا؟ هن چيو ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ کي ڪهڙي ڏوهه ۾ پڪڙيو ويو آهي؟ ڪيترائي مهينا کيس ايم پي او  تحت گرفتار رکيو ويو.هن چيو ته ڇا اسان ان عدالتي نظام تي انحصار ڪريون ته ان ماهه رنگ کي پنهنجي ڪيس جي  ٻڌڻي تي پنهنجو وڪيل رکڻ جي اجازت ناهي، هن چيو ته هاڻي عمران خان جو معاملو آهي، ڪيترا اسان پارليامينٽيرين آهيون، پي ٽي آئي جا ڪيترا بئريسٽر  آهن جيڪي دنيا جي قانون کي ڄاڻن ٿا، اهي به هڪ ميجر جي رحم و ڪرم تي آهن ته انهن کي ملاقات جي اجازت ملي، هن چيو ته  واهگه هندستان جي بارڊر کان ڪيترو پري آهي؟ ڪڏهن توهان پنجاب ۾ هندستاني ايجنٽ ڏيکاريو آهي؟ هن چيو ته بلوچستان جي مسئلي تي  ڪڏهن اسان الزام سردارن کي ڏئي ڇڏيندا آهيون ته   بلوچستان جو مسئلو چند سردارن جي هٿن ۾ آهي، ڪڏهن اسان انهن کي قومپرستن جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيندا آهيون، ڪڏهن ان کي قبائلي سسٽم جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيندا آهيون. پر حقيقت ۾ هي مرض پيدا ڪيل هتان جي رياست جو آهي، هتان جي اسٽيبلشمينٽ جو آهي.هن چيو ته 78 سالن ۾ جمهوري دورن ۾ پارليامينٽ ۾ ڪڏهن ٻن ڏينهن لاءِ بلوچستان جي مسئلي تي بحث ٿيو آهي؟ هن چيو ته مان پاڻ پاڪستان جي تمام ادارن مان مايوس ٿي چڪو آهيان. مان نٿو سمجهان ته بلوچستان جي مسئلي جو حل ان پارليامينٽ ۾ آهي،نه ئي بلوچستان جي مسئلي جو حل ان عدليه وٽ آهي، بلوچستان جي مسئلي جو حل انهن سياسي  پارٽين جي هٿن ۾ به ناهي هن چيو ته  بلوچستان جي مسئلي کي واقعي جيڪڏهن حل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ گڏيل قومن  مان هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميشن  جو تعين ڪيو وڃي. 1973 جو آئين ڪٿي آهي؟ هڪ نئين عمراني معاهدي  جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اسان کي اها تسلي هجي ته ها واقعي اسان کي ان ۾ تحفظ آهي.

بلوچستان جون 16 سيٽون ڪهڙي مدد ڪري سگهن ٿيون؟ جان محمد بليدي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)نيشنل پارٽي جي سينيٽر جان محمد بليدي چيو آهي ته ڊگهين جنگين جا قصا ڪهاڻيون سٺيون نٿيون لڳن،بلوچستان جي موضوع تي پي ٽي آءِ ڪانفرنس گهرائي همت ڪئي آهي،هن چيو ته هر وقت مشڪل وقت ۾ بلوچ سياسي قيادت هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪيو،پي ٽي آءِ حڪومت ڪيرائڻ ۾ اها ئي بلوچستان جي قيادت پيش پيش هئي،هن وقت پهريون مطالبو اهو ئي هو ته چونڊ عمل مان رياستي ادارن جو ڪردار ختم ٿئي، هن چيو ته جڏهن اهي وڏيون جماعتون اقتدار ۾ اچن ٿيون ته واعدن کي نظرانداز ڪن ٿيون،بلوچستان جي سيٽن جو انگ 16 آهي،16 سيٽون ڪهڙي مدد ڪري سگهن ٿيون؟ هن چيو ته هن نظام ۾ اسان جي ساک گهڻي ڪمزور آهي،سينيٽ،سي سي آءِ،صدارتي چونڊ سڀ برابر آهن پر رويا الڳ آهن،هن چيو ته بلوچستان هڪ سنجيده سياسي مسئلو آهي،بلوچستان جو حل سيڪيورٽي نه بلڪه ڪجهه ٻيو آهي،مسئلن تي سنجيده ٿيڻو پوندو

بلوچستان جو نوجوان سوال پڇي پڇي پهاڙن تي چڙهي ويو:شاهد خاقان

 

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان کي خيبرپختونخوا هائوس بدران بلوچستان هائوس ۾ ويهڻ گهرجي ها پر اسان سياست کي نفرت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي،پوءِ حالتون ڪيئن تبديل ٿينديون؟اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جو نوجوان سوال ڪري رهيو آهي ته اسان جا حق ڪيڏانهن ويا؟اسان جا وسيلا ڪيڏانهن ويا؟اڃا به وقت آهي ته حالتون ٺيڪ ڪيون وڃن،هن چيو ته بلوچستان جي نوجوان  سوال سوال ڪندي ٿڪجي پيو آهي هاڻي هن پهاڙن جو رخ ڪري ورتو آهي،وڏي انگ ۾ ڪري ورتو آهي،هن چيو ته هڪ ايم فل ڪندڙ عورت جنهن جا ٻار به هجن ۽ پڙهيل لکيل هجي اها خودڪش بمبار بڻجي وڃي ته پوئتي ڇا رهجي ويو؟اها ڳالهه رياست جي سوچڻ جي آهي،خرابيون وقت سان گڏ پيدا ٿيون آهن،توهان کي ان کي درست ڪرڻو آهي،جيڪا رياست هر مسئلي جو حل گولي سان ڪري ان وٽ ڪو ٻيو رستو نٿو بچي،هي معاملو جبر سان حل نه ٿيندو،توهان کي ڳالهه ٻڌڻي پوندي،عوام جي راءِ جو احترام ڪرڻو پوندو،هن چيو ته بلوچ قيادت جي سياسي سوچ قدآور آهي،پر اسان ان جو احترام نه ڪيو،هن چيو ته اسان جي ذريعي آمريڪا ۽ ايران ڊيل ڪري سگهن ٿا ته اسان پنهنجا گهرو معاملا ٺيڪ نٿا ڪري سگهون؟هن چيو ته اڄ بلوچستان جي حالت اها آهي ته سيڪيورٽي فورسز کي پنهنجو تحفظ گهرجي ته پوءِ اتي عام ماڻهو جو ڪهڙو حال هوندو؟زيارت جو واقعو عام واقعو ناهي،خبر ناهي ته اهو واقعو بي ايل اي ڪيو آهي يا ڪنهن ٻئي اداري ڪيو آهي؟اسان بنيادي حق سلب ڪري ڇڏيا آهن،رڳو بلوچستان ۾ نه سڄي پاڪستان جي اها حالت آهي،جنهن ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني نه هجي اهو ملڪ نٿو هلي سگهي

بلوچستان جي عوام جي خدشن کي سنجيدگي سان ٻڌو وڃي: بئرسٽر گوهر

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر اسلام آباد ۾ ٿيل بلوچستان بابت اي پي سي ۾ ڳالهائيندي چيو ته جڏهن اليڪشن ٿي هئي ته اسان 16 سيٽون کٽيون هيون صوبائي  اسيمبلي جون، هر اسان جا انگ اکر آهن ۽ چار سيٽون قومي اسيمبلي جون کٽيون هيون، جنهن مان اسان وٽ هڪ به سيٽ ناهي بلوچستان جي، عوام جي محرومي ۽ انهن کي حق نه ڏيڻ جي ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا، بلوچستان جي عوام جي خدشن کي سنجيدگي سان ٻڌو وڃي، سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهايو وڃي، دهشت گردي خلاف سڀني کي مفتق ٿيڻو پوندو، بلوچستان ۾ امن جي لاءِ سياسي مڪالمو شروع ڪيو وڃي ۽ جبر بدران آئيني ۽ جمهوري طريقو اختيار ڪيو وڃي، بلوچستان ۾ جيڪي دهشت گردي جا واقعا ٿيا آهن انهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، جيڪي فوجي جوان شهيد ٿيا آهن، پوليس جا آفيسر شهيد ٿيا آهن يا عام شهري شهيد ٿيا آهن اسان جون همدرديون انهن جي وارثن سان گڏ آهن، دهشت گردي کي اسان هر فورم تي رد ڪيون ٿا، هن نيلسن منڊيلا جي ڳالهه جو ذڪر ڪندي چيو ته جيڪڏهن ملڪي حالت کي ڏسڻو آهي ته اهو نه چئجو ته هي ملڪ وڏن سان ڪهڙو رويو رکي ٿو، پر ان ملڪ جي ماڻهن کي ڏسو ته اهي پنهنجي ڪمزورن سان ڪهڙو رويو رکن ٿا، جيڪڏهن ڪمزورن جي محرومين جو ازالو ڪيو وڃي ته هو ڪڏهن به غيرقانوني رستي تي نه هلندا، شايد ماڻهن جي محرومين جو وقت تي ازالو نٿو ٿئي، ته هو سمجهن ٿا ته هو نظرانداز ٿي ويا انهن کي رستي تان هٽايو ويندو آهي، پر جيڪا مون کي خوشي آهي هڪ ڳالهه ته اها هي آهي ته منهنجي هتي هوندي گذريل چار ڪلاڪن ۾ 9 اڳواڻن ڳالهه ڪئي، ڪنهن هڪ به اهو نه چيو ته اُتي جيڪڏهن ڪا دهشت گردي آهي ته اُتي پنهنجا ملوث آهن ۽ اها سٺي ڳالهه آهي، جهڙي طريقي سان ڪي پي ڪي ۾ چيو ويو ته اُتي طالبان هئا ۽ پنهنجا طالبان هئا، اوهان ذڪر نه ڪيو ته دهشت گردي ۾ پنهنجا ملوث آهن، ان جو مطلب آهي دشمن جو وار آهي ان کي نه وسارجو، دهشت گردي جي ڳالهه اچي ته هڪ ئي نڪطي تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، دهشت گردي نه هوندي ته اوهان جي مسجد به هوندي، منهنجي مندر به هوندي، جيڪڏهن دهشت گردي هوندي ته اوهان جي چرچ به نه رهندي ۽ منهنجي مسجد به نه رهندي، توهان جيڪو ٺاهيندا ان کي هو اڏائي ڇڏيندا، دهشت گردن جو ڪو به مذهب ناهي، هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ اسان اي پي سي گهرائي، محسن داوڙ ان جو ذڪر ڪيو، 23 سياسي پارٽيون شامل ٿيون، بيانيو جاري ڪيو ويو سڀ گڏ هئا، اوهان جو بيان آيو پر بيان کان پوءِ اڄ تائين ڪيترائي ڊرون حملا ٿيا آهن ڪا به روڪ ٽوڪ نه ٿي، ڪيتريون ئي آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪيون آهن ڊگهيون ڊگهيون پريس رليزون جاري ڪيون آهن ڪجهه به نه ٿيو آهي،  ڪا به تبديلي ناهي آئي، دهشت گردي کي ختم ڪرڻ لاءِ 2014 ۾ اوهان سڀ گڏ ٿيا، مشرف چيو هو ته دهشت گردي کي ختم ڪرڻ لاءِ، محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ مان گوادر ٺاهي رهيو آهيان، گوادر ٺهندو ته ترقي ٿيندي حالتون بهتر ٿينديون، زرداري آيو ان وقت اوهان چيو ته 18هين ترميم ايندي ته حالتون بهتر ٿينديون، گم ٿيل ماڻهن جي لاءِ ڪميشن ٺهي افتخار چوڌري جيڪي قدم کنيا ڀلي ان سان اختلاف هجن پر ان جي ڪري ماڻهو ڪجهه آزاد ٿيا، هن وقت به ماڻهو گم آهن، دهشت گردي آهي مسئلو اهو آهي ته عوام ۾ ادارن ۾ ڪير نٿو سمجهي، دنيا ۾ اوهان جون حالتون تڏهن بهتر ٿينديون جڏهن اوهان جو احتساب ٿئي، اوهان جو رابطو هجي، اوهان جو ڪو اهڙو ليڊر آهي جيڪو حڪومت ۾ نه رهيو هجي، هر پارٽي حڪومت ۾ رهي آهي، حقن جي منصفاڻي ورهاست هميشه ٿيڻ گهرجي، اهو اسيمبلي جو ڪم آهي، اسيمبلي ۾ ويٺل ماڻهو مينڊيٽ سان گڏ هوندو ته بهتري ايندي.

توهان حق ملڪيت به نه ڏنو ۽ حق حاڪميت به نه ڏنو؛ڪامران مرتضيٰ

 

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ اي پي سي کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان کي هميشه مفت جو مال ۽ دبئي سمجهيو ويو،بلوچستان جي مسئلي تي پي ٽي آءِ پاران ڪوٺايل ڪانفرنس سٺي ڳالهه آهي،حڪمرانن کي خبر ناهي ته بلوچستان جو اصل مسئلو ڪهڙو آهي؟هن چيو ته اهو مسئلو اڄ کان،ڪالهه کان،هن يا ٽن چئن اڳوڻين حڪومتن کان شروع ناهي ٿيو،اهو مسئلو پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ کان موجود آهي،پهرين شورش شروع ڪرڻ کانپوءِ اسان تي غداري جا الزام لڳايا ويا،هتي فساد پيدا ڪيو ويو،ان فساد کي ختم ڪرڻ جي بهاني هن سرزمين تي قدم ڄمايا ويا،هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جي نمائندگي ايتري گهٽ آهي جو فيصل آباد جا معاملا به بلوچستان کان وڌيڪ ايوان ۾ حاوي  هوندا آهن،ڇو ته هتي مائنز ۽ منرل جا خزانا آهن،صوبي جي وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن،هن صوبي ۾ هڪ ڀيرو به چونڊون شفاف ۽ آزاد نه ٿيون آهن،توهان حق ملڪيت به نه ڏنو ۽ حق حاڪميت به نه ڏنو،ان صورت ۾ امن جي به گهر ڪريو ٿا،هن چيو ته زيارت واقعي ۾ 18 ماڻهو جوابدار ڄاڻائي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،يقينن اسان جا ادارا ٺيڪ چئي رهيا هوندا ،اهي سدائين”ٺيڪ ڳالهه“ ئي ڪندا آهن،اسان جو سوال آهي ته انهن ماريل ماڻهن جا چهرا مسخ نه ڪيا وڃن،مقامي رهواسي به سڃاڻپ ڪري سگهن ته اهي ڪهڙي قوم،قبيلي سان تعلق رکن ٿا،آيا اهي بلوچستان واسي هئا به يا نه؟ڇا بلوچستان جي عوام کي قانون مطابق ڊيل ڪيو ويو؟خودڪش حملا،بم بارود جا ڌماڪا ٿي رهيا آهن،رياست ۽ ادارا ڪٿي آهن؟

سڀ پاڪستاني آهيون، ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي:اسد قيصر

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته جڏهن عوام جا نمائندا غير چونڊيل هوندا ۽ ٻوليون لڳائي، پئسا ڏئي اسيمبلين ۾ پهچندا ته اهي عوام جي ڳالهه ڪڏهن به نه ڪندا، کين جتان اشارو ملندو اهي ان مطابق عمل ڪندا. اسلام آباد ۾ اي پي سي کي خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده قومي اسيمبلي ۾ جيتري به قانون سازي ٿي آهي، ان مان ڪو هڪ قانون به عوامي مفاد وارو  ناهي.اسد قيصر چيو ته حڪمرانن غير چونڊيل ماڻهن کي اسيمبليءَ ۾ ويهاريو آهي، جڏهن ته عدليه کي بالڪل ختم ڪيو ويو آهي، جنهن سان ملڪ مان انصاف جو تصور ئي مٽجي ويو آهي. هن آئين جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته آئين جو اهڙو حليو بگاڙيو ويو آهي جو ان کي هاڻي آئين به نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن جيل ۾ آهي ته هو هڪ مزاحمت جي علامت بڻيل آهي. ڇا ان وٽ آڇون نه هيون؟ جهڙي آفر نواز شريف کي ملي هئي ته هو ملڪ ڇڏي هليو ويو، اهڙيون ڪيتريون ئي آڇون عمران خان کي به مليون، پر اسان جو اصول آهي ته اسان سوديبازي نه ڪنداسين. زيارت ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال جي مذمت ڪندي هن چيو ته ڪالهوڪو واقعو انتهائي غير انساني رويو آهي ۽ هي وفاقي حڪومت جي بدترين ناڪامي آهي. بلوچستان جون شاهراهون غير محفوظ آهن. هن چيو ته جڏهن مان اختر مينگل سان گڏ بلوچستان ويس ته اتي جي صورتحال ڏسي ائين پئي لڳو ڄڻ مان پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ هجان. ڪشمير جي حساس معاملي کي مس هينڊل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ 400 مسنگ پرسنز جي لسٽ اختر مينگل جي حوالي ڪئي هئي ۽ اسان ڪڏهن به ان ۾ رڪاوٽ ناهي وڌي، هن چيو ته بلوچستان جي بقا لاءِ تمام سياسي پارٽين کي سياست کان هٽي ڪري امن امان جي هڪ نڪتي تي گڏ ٿيڻو پوندو. هن  اسان سڀ پاڪستاني آهيون، اسان کي ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي .

بلوچستان ۾ منشيات جي صنعتن ۾ ڪير حصيدار آهي:مصطفيٰ نواز کوکر

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر اي پي سي  کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بلوچستان ۾ رياستي  رٽ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي. ان بحران ۾ آئين ۾ ڏنل انساني حق معطل ٿي چڪا آهن. بلوچستان جي حالتن کي سڌارڻ لاءِ وڏا وڏا واعدا ڪيا ويا، اتي پيش ايندڙ واقعا اسان لاءِ هڪ ‘ويڪ اپ ڪال’ (جاڳڻ جو اشارو) آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان اهو تصور ڪريون ته اسان ڪو اهڙو حل پيش ڪري سگهون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ هفتي، ايندڙ مهيني يا ايندڙ سال ۾ بلوچستان جون حالتون ٺيڪ ٿي  وينديون ته مان سمجهان ٿو ته اهو حل ڪنهن وٽ به موجود ناهي. هن چيو ته اڄ آزاد ڪشمير ۾ جيڪو چيلنج اسان جي سامهون بيٺو آهي، اهو آخر ڇو پيدا ٿيو؟ اپوزيشن جو وجود ڪٿي به برداشت نٿو ڪيو وڃي،آزاد ڪشمير هجي يا بلوچستان اتان جو نوجوان سوال ڪري ٿو ته هي جنهن پارلياماني نظام ۽ پارلياماني سياست جي توهان ڳالهه ڪريو ٿا، ان ۾ سڀ کان پهريان ته توهان پنهنجي مينڊيٽ جو دفاع نٿا ڪري سگهو، ته اسان جو ڪهڙو  دفاع ڪندؤ؟ پارلياماني نظام تي مڪمل اعتماد کڄي وڃڻ سياسي جماعتن جي به ناڪامي آهي هن چيو ته  آئين جي ضمانتن جي ڪا حيثيت ناهي رهي. هن چيو ته   منشيات  جو جيڪو واپار آهي، اڄ بلوچستان جي حالتن کي هن سطح تي پهچائڻ ۾ ان جو به هڪ تمام وڏو ڪردار آهي. هڪ اندازي مطابق، هن وقت اتي آفيم جي پوک  ٿي آهي، اها تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. اهو ڪير ڪري رهيو آهي؟ ان ۾ ڪير حصيدار آهي؟ هي پوري هڪ معيشت بڻجي چڪي آهي.هن چيو ته  بلوچستان ۾ جيڪا حڪومت آهي، اها اتي جي ماڻهن جي نمائنده حڪومت ناهي. هن چيو ته  مرڪزي پارٽيون بلوچستان جي انهن 17 سيٽن کي اها اهميت ناهن ڏينديون جيڪا هڪ سڄي صوبي جي ماڻهن کي ملڻ گهرجي. هاڻي ان ويڇي کي ڪيئن ختم ڪجي؟ سينيٽ ۾ سڌارن سان گڏ انساني حقن جي بحالي ۽ ماڻهن جا ٻيا مسئلا حل ڪيا وڃن.

بندوق جي زور تي ملڪ هلائڻ سان بربادي جا ذميوار ادارا ئي هوندا؛محمود اچڪزئي

 

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ سينيئر سياستدان محمود خان اچڪزئي پي ٽي آئي جي ميزبانيءَ هيٺ اسلام آباد ۾ منعقد آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، ملڪ ۾ جيسين اهو بنيادي فيصلو نه ٿيندو ته "پاڪستان جي فوج پاڪستان لاءِ آهي يا پاڪستان فوج لاءِ آهي”، تيسين دنيا جي ڪا به طاقت هن ملڪ جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته هڪ مڪمل جمهوري نظام جو بنيادي نقطو اهو هوندو آهي ته جنهن جي هٿ ۾ تلوار هجي، اهو جرگي ۾ نه ويهندو. جنهن کي تلوار جو شوق آهي اهو ملڪ جي سرحد جو دفاع ڪري، پر نظام اهي هلائيندا جن جو تلوار سان ڪو واسطو ناهي.محمود خان اچڪزئي واضح ڪيو ته پاڪستان هوا ۾ لٽڪيل ڪا شيءِ ناهي، هي چار وڏين قومن (سنڌي، بلوچ، پشتون ۽ پنجابي) جي وطنن تي ٻڌل هڪ فيڊريشن آهي. هي ڪنهن جي فتح ڪيل ڪالوني ناهي، نه هتي ڪو ڪنهن جو آقا آهي ۽ نه ڪو غلام. هن چيو ته پهرين ڏينهن کان هتي آئين جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾  ملڪ ٽٽي ويو ۽ پوءِ 1973ع ۾ وڏي مشڪل سان هڪ متفقا آئين ٺهيو، پر ان کي به بار بار لتاڙيو ويو.ملڪي خفيه ايجنسين تي تنقيد ڪندي اچڪزئي چيو ته، "اسان جا جاسوسي ادارا تمام صلاحيتن وارا   آهن، اهي گهري پاڻيءَ مان سُئي ڳولهي ڪڍندا آهن، پر ٻڌايو وڃي ته باجوڙ کان وٺي خيبر تائين ۽ سڄي بلوچستان ۾ جيڪا رت جي راند هلي رهي آهي، اها انهن کي نظر ڇو نٿي اچي؟ انهن جو ارادو ڇا آهي؟  هن چيو ته پشتون ۽ بلوچ مرڪزي ايشيا جا ماڻهو آهن جڏهن ته سنڌي ۽ پنجابي انڊس جي تهذيب جا مالڪ آهن، اهڙي مختلف قومن جي ملڪ کي هلائڻ جو واحد حل هڪ ايمانداراڻو ‘عمراني معاهدوآهي.هن چيو ته  اسان مصلحتن جو شڪار ٿي پنهنجي ئي بربادي ڪئي آهي ۽ پنهنجين ئي عدالتن جا پر ڪٽيا آهن. سينيٽ جي چونڊن بابت ڳالهائيندي هن گهر ڪئي ته سينيٽ کي به قومي اسيمبلي جيترا اختيار ملڻ گهرجن ۽ سينيٽ جون چونڊون سڌيون  ٿيڻ گهرجن ته جيئن ملڪ ۾ قومن جي برابري جو توازن برقرار رهي.زيارت واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اتي امن امان جي صورتحال اها آهي جو سرڪاري آفيسرن کي مدد نٿي ملي، پر وڏو وزير (سرفراز بگٽي) اڃا تائين ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. ڪنهن شريف ماڻهو کي ته اهڙي صورتحال تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها.پنهنجي خطاب جي آخر ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته مان بلوچن، سنڌين ۽ پشتونن جو چاچو آهيان. اسان قرآن شريف جي صفحن تي لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ته اسان پاڪستان جا وفادار آهيون، پر اسان جي عزت، خودمختياري ۽ وسيلن تي پهريون حق اسان جي ٻارن کي ڏنو وڃي. وزيرستان ۾ سون ڪڍڻ لاءِ اتان جي مقامي ماڻهن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ مهاجر بڻايو پيو وڃي، ائين ملڪ ناهن هلندا. جيڪڏهن سياسي سيٽون 30 ۽ 40 ڪروڙن ۾ نيلام ٿينديون ته ملڪ تباهي جي ڪناري هليو ويندو. هن چيو ته توبه جو دروازو اڃا بند ناهي ٿيو، جيڪڏهن بندوق جي زور تي ملڪ هلائڻ جو رستو اختيار ڪيو ويو ته پوءِ ايندڙ بربادي جا ذميوار اهي ادارا هوندا جيڪي آئين تي عمل نٿا ڪن.

 

You might also like