ڀارت ۾ دلجيت جي”ستلج“ تي پابندي، ” سچ دٻائي نه ٿو سگهجي، ماڻهو فلم ڊائونلوڊ ڪري چڪا آهن“ اداڪار جو ردعمل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انساني حقن جي ڪارڪن جسونت سنگهه خالڙا جي زندگي تي آڌاريل دلجيت دوسانجهه جي فلم ”ستلج“ کي رليز ٿيڻ جي رڳو ٻن ڏينهن کان پوءِ ڀارت ۾ او ٽي ٽي پليٽ فارم تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته اداڪار دلجيت دوسانجهه چيو آهي ته ”هاڻي ڪو به ماڻهن کي فلم ڏسڻ کان روڪي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي ڪير خالڙا صاحب جي آواز کي دٻائي سگهي ٿو.“
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، فلم 3 جولاءِ تي او ٽي ٽي پليٽ فارم ”زي فائيو“ تي رليز ڪئي وئي هئي، پر 5 جولاءِ تي ان کي ڀارت ۾ اسٽريمنگ تان هٽايو ويو.
زي فائيو طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ” ستلج“ پاران ڀرپور محبت ۽ موٽ ملي، پر ايندڙ حڪم تائين فلم ڀارت ۾ دستياب نه هوندي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته فلم کي ٻيهر پليٽفارم تي آڻڻ لاءِ مناسب قانوني ۽ انتظامي آپشنز تي ڪم جاري آهي.
ٻئي پاسي فلم ۾ مُک ڪردار نڀائيندڙ اداڪار دلجيت دوسانجهه سوشل ميڊيا تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو” هاڻي هي فلم روڪي نٿي سگهجي، خالڙا صاحب جي آواز کي ڪو به دٻائي نٿو سگهي.“
هن چيو ته ” سچ دٻائي نه ٿو سگهجي، ماڻهن فلم ڊائونلوڊ ڪري ڇڏي آهي.“
واضح رهي ته فلم جو اصل نالو” پنجاب 95“ هو، جنهن جي رليز ڊگهي عرصي کان رولڙي جو شڪار رهي.
فلم جي هدايتڪار هني ٽريان هڪ انٽرويوءَ دوران انڪشاف ڪيو هو ته مرڪزي فلم سرٽيفڪيشن بورڊ (سِي بِي ايف سِي) پهريان 21 ڪٽس لڳائڻ جو چيو، پر پوءِ انگ وڌي 120 ٿي ويو.
هدايتڪار موجب، ڪجهه اهڙا اعتراض به سامهون آيا، جن ۾ فلم مان جسونت سنگهه خالڙا جو نالو هٽائڻ جو چيو ويو، اِها ڳالهه قبولڻ جوڳي نه هئي.
واضح رهي ته فلم ۾ دلجيت دوسانجهه کان کانسواءِ ارجن رامپال، سوويندر وڪي، جگجيت سندھو ۽ گيتيڪا وديا اوهليان به اهم ڪردار ادا ڪيا آهن.
ياد رهي ته جسونت سنگهه خالڙا انساني حقن جو ڪارڪن هو، جنهن 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي دوران پنجاب ۾ مبينا پوليس زيادتين، گمشدگين ۽ اڻڄاتل لاشن بابت اهم دستاويز سامهون آندا هئا، جنهن کي مقامي پوليس 1995ع اغوا کانپوءِ قتل ڪري سندس لاش پنجاب جي ڪينال ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو.

You might also like