جارحيت لاءِ استعمال ٿيندڙ هنڌن کي نشانو بڻائينداسين: ايراني پرڏيهي وزارت

ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته خطي جا ملڪ ايران تي حملن لاءِ آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏين.

وزارت موجب تازين ڇڪتاڻن جي سنگين نتيجن جي ذميواري آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي.

بيان ۾ چيو ويو ته حملن ۽ تيل جي وڪري تي پابندين کانپوءِ ايم او يو جا ڪجهه حصا پنهنجي افاديت وڃائي چڪا آهن، تنهن ڪري ايران خلاف جارحيت ۽ حملن لاءِ استعمال ٿيندڙ هنڌن کي نشانو بڻايو ويندو.

وزارت وڌيڪ چيو ته آمريڪا عبوري معاهدي جي کلي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، آبناءِ هرمز ۾ ايراني انتظامن جي ڀڃڪڙي جاري آهي ۽ لبنان ۾ اسرائيلي حملا به جاري آهن، جنهن سبب آبناءِ هرمز ۽ لبنان جي صورتحال عبوري معاهدي کي غير مؤثر بڻائي رهي آهي.

ٻئي پاسي ايران جي گڏيل اعليٰ فوجي ڪمانڊ چيو آهي ته ايران تي آمريڪي حملن لاءِ استعمال ٿيندڙ هنڌن کي نشانو بڻائڻ جائز سمجهيو وڃي ٿو.

You might also like