دشمن بوشهر ۾ ٻن فوجي اڏن کي نشانو بڻايو، ڪو جاني نقصان نه ٿيو: ايراني اختياريون

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي صوبي بوشهر جي سيڪيورٽي معاملن واري نائب گورنر چيو آهي ته صبح دشمن جي حملن ۾ بوشهر جي ٻن فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو.

هن ٻڌايو ته هڪ فوجي اڏو دشتستان ۾، جڏهن ته ٻيو بوشهر جي ڀرپاسي واري شهر چغادڪ ويجهو واقع هو.

اختيارين موجب هن وقت تائين انهن حملن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

You might also like