ورلڊ ڪپ ميزبان طور آمريڪا جو رويو ان جي پرڏيهي پاليسي جو عڪس آهي: ايراني صدر

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميزبان طور آمريڪا جو رويو ان جي روايتي پرڏيهي پاليسي جو عڪس آهي.

سندس چوڻ هو ته قانونن کي پنهنجي مرضي موجب موڙڻ، دٻاءُ وجهڻ، رڪاوٽون پيدا ڪرڻ ۽ دوکو ڏيڻ آمريڪي پرڏيهي پاليسي جا خاص پهلو آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ايران اهڙي رويي کي رد ڪري ٿو ۽ پنهنجي حقن جي دفاع لاءِ مضبوطي سان بيٺل آهي.

You might also like