ڪويت جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته ملڪ جي هوائي دعائي نظام هوائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ 2 بيلسٽڪ ميزائل ۽ 13 ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا.
وزارت موجب ميزائلن ۽ ڊرونن جي ٽڪرن سبب مٿان ويندڙ بجلي جون لائينون متاثر ٿيون، پر بجلي جي فراهمي متاثر نه ٿي.
وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته هنگامي امدادي ٽيمن سيڪيورٽي ادارن جي سهڪار سان نقصان جو جائزو وٺڻ ۽ مرمتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.