يمن جي حوثين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن يمني بندرگاهن ڏانهن سامونڊي اچ وڃ تي لاڳو رڪاوٽون ختم نه ڪيون ويون ته سعودي بحري جهازن لاءِ باب المندب جي آبناءِ مڪمل طور بند ڪئي ويندي.
رپورٽن موجب حوثين سعودي عرب کي رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن مطالبو نه مڃيو ويو ته سعودي جهازن کي باب المندب مان گذرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.