ايران آبناءِ هرمز ۾ واپاري جهازن تي ميزائل هنيا: آمريڪي ويب سائيٽ جي دعويٰ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)هڪ آمريڪي نيوز ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آبناءِ هرمز ۾ واپاري جهازن تي ميزائل فائر ڪيا.

رپورٽ موجب پاسداران انقلاب آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن تي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ميزائل فائر ڪيا، جنهن سبب واپاري جهازن کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

برطانوي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز ايجنسي موجب عمان جي شهر ليماه جي اوڀر ۾ لڳ ڀڳ اٺ ميل جي فاصلي تي هڪ آئل ٽينڪر کي گولو لڳو، جنهن سبب جهاز ۾ باهه لڳي وئي.

واقعي ۾ نه ڪنهن جاني نقصان يا ماحولياتي نقصان جو اطلاع مليو آهي.

You might also like