سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ خوراڪ کاتي جي ڊجيٽلائيزيشن جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪڻڪ جي صورتحال، ذخيرو ڪرڻ ، خوراڪ واري کاتي ۾ سڌارن ۽ قومي ڪڻڪ پاليسي 2026-2030 جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مالي سال 2026-27 دوران سنڌ کي 15 لک 90 هزار ٽن ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت سرڪاري امدادي اگهه 3 هزار 500 رپيا في 40 ڪلوگرام کان وڌي وئي آهي.
وڏي وزير فلور ملز، واپارين ۽ خانگي شعبي سان واسطو رکندڙن طرفان ڪيل ميبنا ذخيرا اندوزي ۽ مصنوعي کوٽ جو سخت نوٽيس ورتو. هن هدايت ڪئي ته اَٽي جي اگهن ۾ استحڪام لاءِ ذخيرا اندوزن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عوامي مفاد جو هر قيمت تي تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
اجلاس ۾ خوراڪ کاتي کي مڪمل طور ڊجيٽل بڻائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو.
سنڌ حڪومت ”انٽيگريٽڊ ويٽ مئنيجمينٽ سسٽم“ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت ڪڻڪ جي خريداري، اسٽوريج، ترسيل ۽ جاري ڪرڻ جو سمورو نظام جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو ويندو.
ڪابينا سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني (ايس آءِ ٽِي سِي ) کي ان منصوبي ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪندي هڪ مهيني ۾ تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته خوراڪ کاتي کي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ريگوليٽري ادارو بڻايو وڃي، جيڪو پاليسي سازي، نگراني ۽ خوراڪ جي تحفظ تي ڌيان ڏئي.
اجلاس ۾ وفاق جي تجويز ڪيل قومي ڪڻڪ پاليسي 2026-2030 جي مسودي تي به غور ڪيو ويو.
ان پاليسي جو مقصد مارڪيٽ تي ٻڌل نظام کي هٿي ڏيڻ، سبسڊي جي بار کي گهٽائڻ، خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ زرعي شعبي کي جديد مشينري ۽ بهتر ٻج جي استعمال سان ترقي ڏيڻ آهي.
وڏي وزير ان پاليسي جي جائزي لاءِ سيڪريٽري خوراڪ، سيڪريٽري زراعت ۽ سيڪريٽري قانون تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا پنهنجون سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي.

You might also like