ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زيارت جي منگي واري علائقي ۾ هٿياربندن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
ايس پي زيارت عبدالقدوس موجب، شهيد پوليس اهلڪارن جا مڙهه ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته حملو ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا، جن جي بازيابي لاءِ ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي زيارت ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
هن چيو ته امن خاطر جانين جا نذرانا ڏيندڙ شهيد قوم جو فخر آهن، سندن لازوال قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.
محسن نقوي چيو ته اهڙا بزدلاڻا حملا امن کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندا.
ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته ايف سي، پوليس، سي ٽي ڊي، ايس او ڊبليو ۽ اي ٽي ايف طرفا ن گڏيل طور تي ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جي امن سان کيڏڻ جي ڳري قيمت چڪائڻي پئي.
ترجمان موجب، شهيدن ۾ منگي ۽ ڪواس ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز، اي ٽي ايف انچارج ۽ ٻيا اهلڪار شامل آهن،جڏهن ته ڊي ايس پي غلام سرور سميت 8 پوليس اهلڪار محفوظ طور تي واپس پهچي ويا آهن، جڏهن ته ڪانسٽيبل رضوان کي به بازياب ڪرايو ويو آهي.
شاهد رند واضح ڪيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن لاءِ ڪا به محفوظ پناهه گاهه نه آهي، هر حملي جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.