سپريم ليڊر جا قاتل قدرتي موت نه مرندا، بدلو ضرور ٿيندو: ايران

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي اڳوڻي نائب صدر ۽ سپريم ليڊر جي صلاحڪار محمد مخبر چيو آهي ته شهيد ايراني سپريم ليڊر جي شهادت جو بدلو ضرور ورتو ويندو.

سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي شهيد اڳواڻ جي قاتلن کي قدرتي موت نصيب نه ٿيندو، عوام ۽ رياست ٻنهي طرفان سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته اهو تصور به نٿو ڪري سگهجي ته شهيد سپريم ليڊر جا قاتل سلامت رهندا، انتقام ضرور ورتو ويندو.

You might also like