مفاهمتي يادداشت آمريڪا جي شڪست ۽ مزاحمتي محور جي فتح آهي: باقر قاليباف

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا سان مفاهمتي يادداشت سياسي ۽ فوجي ٻنهي لحاظ کان آمريڪا جي شڪست ۽ مزاحمتي محور جي ڪاميابي آهي.

يمني حوثين جي سپريم ڪائونسل جي وائيس چيئرمين سان ملاقات دوران هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي مزاحمتي محور ۾ ايران جي اتحادي قوتن کي تسليم ڪرڻو پيو، جيڪو هن مفاهمتي يادداشت جي اهم ڪاميابي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سفارتي ڪاميابي فوجي تيارين تي دارومدار رکي ٿي، جيڪڏهن ڪا به ڪمزوري ڏيکاري وئي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملو ڪري سگهن ٿا.

You might also like