رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان آل سعود رياض ۾ بحرين جي پرڏيهي وزير عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هلندڙ ڳالهين سميت خطي جي تازي صورتحال تي خيال ونڊيا.
سعودي پرڏيهي وزارت موجب ٻنهي اڳواڻن آبناءِ هرمز ۾ جهازراني جي آزادي جي تحفظ جي اهميت تي به زور ڏنو.