لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽرز جو آگسٽ جي مهيني ۾ پرڏيهي ليگ کيڏڻ جو امڪان گهٽجي ويو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آگسٽ ۾ 4 ٽيمن جو ون ڊي ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ رانديگرن جي چونڊ جو ڪم جاري آهي.
ڪيريبين پريميئر ليگ (سي پي ايل) 7 آگست کان 20 سيپٽمبر تائين شيڊيول ٿيل آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ ڪيترن ئي قومي رانديگرن کي پي سي بي کان اين او سي جي ضرورت آهي.
ذريعن موجب، رانديگرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته آگسٽ ۾ ون ڊي ٽورنامينٽ ٿي رهيو آهي، ان ڪري وائيٽ بال ڪرڪيٽرز لاءِ ان ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لازمي آهي.
پي سي بي معاذ صداقت کي اڳ ۾ ئي اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي، پر ٽورنامينٽ جي فيصلي سبب هاڻي سندس شرڪت جو به امڪان ناهي.
سي پي ايل لاءِ صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، سفيان مقيم، سعد مسعود، عثمان خان ۽ سلمان ارشاد کي اين او سي نه ملڻ جو امڪان آهي.
پي سي بي ايندڙ سيزن ۾ ورلڊ ڪپ کان اڳ وڌيڪ ون ڊي ميچز هجڻ سبب هي ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي سي بي ميگا ايونٽ کان اڳ ون ڊي اسڪواڊ لاءِ بهترين رانديگرن کي ڳولڻ چاهي ٿو.