ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا اسما عباس جو هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن ٻي شادي بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
اسما عباس چيو ته جيڪڏهن ڪا عورت مالي طور خودمختيار هجي ۽ کيس ٻار به هجن ته سندس خيال ۾ کيس ٻي شادي نه ڪرڻ گهرجي.
اداڪارا موجب، اڪثر عورتون مالي مشڪلاتن سبب ٻي شادي جو فيصلو ڪنديون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي زندگي ۾ ڪنهن سهاري جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي.
هن چيو ته ٻي شادي جي صورت ۾ ٻارن سان لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ گهر ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي، جنهن سبب ماءُ ذهني پريشاني ۽ پشيماني جو شڪار ٿي سگهي ٿي.
اسما عباس وڌيڪ چيو ته جڏهن ٻار وڏا ٿين ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن هو ماءُ کي به ذميوار سمجهندا آهن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن عورت تعليم يافته هجي ۽ پنهنجي روزگار جو ذريعو رکي ٿي ته پوءِ کيس ڪنهن ٻئي سهاري جي ضرورت نه پوندي.
هن عورتن کي صلاح ڏني ته هو پنهنجي ٻارن جي ذميواري پاڻ کڻڻ جي قابل بڻجن، مالي طور مضبوط ٿين ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪن.