وسيلن جي ورڇ ۾ اڻ برابري، پاڪستان ۾ گادي وارا شهر اڳتي ۽ ٻيا ضلعا پٺتي آهن:عالمي بينڪ

نيويارڪ(ع آ نيوز) عالمي بينڪ پنهنجي تازي مضبوط مالي وفاقيت رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو آهي ته صوبائي گاديءَ وارن هنڌن ۽ پاڪستان جي ٻين ضلعن جي وچ ۾ ترقي ۽ مالي وسيلن جي ورڇ ۾ اهم اڻ برابري برقرار آهي، جيڪا انساني ترقي ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري کي متاثر ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب، هي فرق بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جتي ڪوئيٽا ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ في فرد سرڪاري خرچ 475 سيڪڙو وڌيڪ حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته پنجاب ۾ لاهور کي 440 سيڪڙو وڌيڪ فنڊ، خيبر پختونخوا ۾ پشاور کي 335 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ ڪراچي کي 178 سيڪڙو وڌيڪ فنڊ ملن ٿا. ورلڊ بينڪ جي مطابق، جيتوڻيڪ 2010 ۾ ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صوبائي وسيلن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ گاديءَ وارن هنڌن ۽ ٻين ضلعن جي وچ ۾ خرچ جو  فرق 2009 جي مقابلي ۾ ڪجهه گهٽجي ويو آهي، صوبائي گاديءَ وارن هنڌن کي اڃا تائين وسيلن جو غير متناسب حصو ملي ٿو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جهڙي ڏکئي صوبي ۾، ڪوئيٽا کي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ في ماڻهو تقريبن پنج ڀيرا وڌيڪ وسيلا ملن ٿا، جڏهن ته صوبي جي ٻين حصن ۾ ترقي نه ٿيڻ ۽ روزگار جا محدود موقعا سنگين مسئلا آهن. ورلڊ بينڪ نشاندهي ڪئي ته ضلعن کي بجيٽ مختص ڪرڻ سماجي-اقتصادي ضرورتن، غربت، تعليم، صحت يا انفراسٽرڪچر جي ضرورتن کان علاوه ٻين عنصرن جي بنياد تي ڪيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ خوشحال ضلعا مسلسل وڌيڪ وسيلا حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته غريب ضلعا ترقي جي لحاظ کان وڌيڪ پوئتي رهجي رهيا آهن. رپورٽ موجب، مقامي حڪومتن جو مالي حصو پڻ مسلسل گهٽجي رهيو آهي. 2005 ۾، ڪل سرڪاري خرچن ۾ مقامي حڪومتن جو حصو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو هو، جيڪو 2024 ۾ گهٽجي صرف 4.7 سيڪڙو ٿي ويو، جڏهن ته آئيني گهرجن جي باوجود، اڪثر صوبن ۾ صوبائي مالي ڪميشن کي فعال نه ٿي سگهجيو. ورلڊ بينڪ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ خرچ وڌائڻ جي باوجود نتيجن بابت پڻ سوال اٿاريو. رپورٽ موجب، خيبر پختونخواه گهٽ خرچن جي باوجود تعليم جي شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خرچ وڌائڻ جي باوجود اسڪول داخلا ۽ خواندگي جي شرح ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي.

 

You might also like