اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري مشير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته غير ملڪي عورتن جي مبينا اغوا ۽ زيادتي واري معاملي کي زبردستي اسحاق ڊار ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته غير ملڪي عورتن جي مبينا اغوا ۽ زيادتي واري معاملي کي گهڻو اٿاريو پيو وڃي ۽ هڪ غير اهم معاملي کي وڏو اشو بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.هن چيو ته هن معاملي کي زبردستي گهلي اسحاق ڊار ڏانهن کڻي اچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هر انسان پنهنجي قول ۽ فعل جو پاڻ ذميوار آهي، هڪ گهٽيا ذهنيت خاص مقصد تحت هن معاملي کي اٿاري رهي آهي.هن جو چوڻ هو ته عورتن جو قلم 164 تحت بيان رڪارڊ ٿي چڪو آهي، انويسٽيگيشن ايجنسي کي هن ڪيس جا مڪمل ثبوت ملي ويا آهن. ضرورت پوڻ تي غير ملڪي عورتن کي واپس به گهرائي سگهجي ٿو.رانا ثناءُ الله چيو ته فيصل واوڊا پاران نائب وزيراعظم کان استعيفيٰ گهرڻ انتهائي بي بنياد آهي.