ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ها ته زنده رهي سگهي پيو، پر هن پنهنجي جان قربان ڪري هن ملڪ مان هڪ آمر کي ذليل ۽ رسوا ڪيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪجهه ئي سالن ۾ شڪست کاڌل قوم کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاري ڇڏيو.هو آچر ڏينهن پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ضلعي اوڀر طرفان 5 جولاءِ 1977ع جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پيپلز پارٽي ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري رؤف احمد ناگوري، انفارميشن سيڪريٽري شرميلا فاروقي، ضلعي اوڀر جي صدر اقبال ساند، قومي اسيمبلي جي ميمبر اسد عالم نيازي، حبيب جنيدي، فرحان غني ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ضلعي اوڀر جي تنظيم، سمورن پي ايس ۽ يو سي عهديدارن، چونڊيل بلدياتي نمائندن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.سعيد غني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 5 جولاءِ 1977ع واري ڏينهن کي اڄ 49 سال گذري چڪا آهن، جيڪو ڪو ننڍو عرصو ناهي. هن چيو ته 1971ع ۾ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو ۽ 90 هزار فوجي قيد ۾ هئا، اهڙي ڏکئي وقت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪجهه ئي سالن ۾ شڪست کاڌل قوم کي ٻيهر سنڀالي پنهنجي پيرن تي بيهاريو.هن چيو ته اڄ اسان يومِ سياه ڇو ملهائي رهيا آهيون؟ ان جو سبب سڀني کي معلوم هجڻ گهرجي. پاڪستان جي تاريخ ۾ 16 ڊسمبر ۽ 5 جولاءِ ٻه اهڙا ڏينهن آهن، جيڪي قوم لاءِ سڀ کان وڌيڪ اونداها ڏينهن آهن. هن چيو ته تقريباً پنجاهه سال گذرڻ باوجود تمام ٿورا ماڻهو هوندا، جن کي 5 جولاءِ 1977ع جي واقعن جي مڪمل ڄاڻ هوندي.سعيد غني چيو ته 5 جولاءِ 1977ع کان اڳ سياستدانن جو هڪ الڳ مقام ۽ وقار هوندو هو. 1985ع ۾ چونڊون ٿيون، پر ان کان اڳ جڏهن جمهوريت هئي، تڏهن اسيمبلين ۾ ويهندڙ ماڻهن جو معيار ڪجهه ٻيو هو، جڏهن ته اڄ صورتحال مختلف آهي. هن چيو ته 5 جولاءِ جا تمام گهڻا نقصان ٿيا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي ۽ اصل سياسي قيادت، جيڪا پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ معيار رکندي هئي، ان جو خاتمو ٿي ويو.هن وڌيڪ چيو ته اڄ ماڻهن کي نظرياتي سياست جي ڪا گهڻي ڄاڻ نه رهي آهي، ڇو ته ان وقت جو سياسي ماحول ختم ڪيو ويو. جيڪڏهن ڪو ان کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهڙيون به قوتون موجود آهن، جيڪي ان کي هرگز ڪامياب ٿيڻ نٿيون ڏين.سعيد غني چيو ته اسان خوش نصيب آهيون جو اسان جي قيادت جو سياسي ويزن بلڪل واضح آهي. ڇا توهان کي نظر اچي ٿو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪو خاص مدد ڪري رهيو هجي؟ هن چيو ته هي 25 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهي، جنهن جا مسئلا ڪنهن هڪ جماعت جي وس جي ڳالهه ناهن.هن اعتراف ڪيو ته خاميون اسان جي جماعت ۾ به آهن، ڇو ته 5 جولاءِ کان پوءِ سماج جي سياسي ۽ سماجي ثقافت کي تباهه ڪيو ويو، پر اسان ان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.سعيد غني چيو ته اهو دور اهڙو هو، جڏهن ڪيترين ئي خبرن تي سينسر لڳندو هو ۽ اخبارن ۾ خالي صفحا ڇپبا هئا. هن چيو ته شهيد ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سوين ڪارڪنن کي ڦاسيون ڏنيون ويون. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪنهن به ڪارڪن کي ڦاسي نه ڏني وئي، ۽ الله نه ڪري ڪنهن سان به اهڙو ظلم ٿئي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي تي جيڪو ظلم ٿيو، اهو ڪنهن ٻي جماعت سان نه ٿيو.هن چيو ته 5 جولاءِ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان اونداهو ڏينهن آهي، جنهن جا اثر اڄ به ملڪ تي جاري آهن ۽ قوم اڃا تائين انهن نقصانن جو بار کڻي رهي آهي.هن چيو ته لساني بنيادن تي پيدا ڪيل نفرت ۽ مذهبي انتهاپسندي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، سياست نظريي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، شاگرد يونين تان پابندي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ انهن کي ماضي وانگر ٻيهر فعال بڻايو وڃي.رئوف احمد ناگوري چيو ته 5 جولاءِ کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون هر ممڪن ڪوششون ڪيون ويون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالتي قتل ذريعي ڦاسي ڏني وئي، پوءِ شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، آصف علي زرداري کي سالن تائين قيد ۾ رکيو ويو، پر سندن خلاف ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو. هن چيو ته ان وقت جا آمر سمجهندا هئا ته پاڪستان پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي، پر اسان جي جماعت سخت ظلم ۽ جبر باوجود اڄ تائين مضبوط بيٺي آهي ۽ اڄ به ڪيترائي جيالا موجود آهن.شرميلا فاروقي چيو ته هوءَ سمورن جيالن، جيالي ڀينرن، مائرن ۽ عهديدارن کي سلام پيش ڪري ٿي، جن جي وڏڙن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو سميت جمهوريت لاءِ قرباني ڏيندڙ سڀني شهيدن جو مشن پاڪستان پيپلز پارٽي ئي اڳتي وڌايو آهي.هن چيو ته اڄ به ملڪ ۾ اها حقيقي جمهوريت قائم نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو خواب ڏٺو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ کي آئين ڏنو، ان کي ايٽمي طاقت بڻايو، ۽ اڄ دنيا جو ڪو به ملڪ پاڪستان ڏانهن حقارت جي نگاهه سان ڏسڻ جي همت نٿو ڪري.ضلعي اوڀر جي صدر اقبال ساند چيو ته 5 جولاءِ تي جمهوريت تي حملو ڪري هڪ آمر عوام تي آمريت مڙهي. هن چيو ته پاڪستان جي عمر اڃا 26 سال به نه ٿي هئي، جو ضياءَ جي حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي. 5 جولاءِ 1977ع کان پوءِ پيپلز پارٽي تي بيحد ظلم ڪيا ويا، ڪارڪن جيلن ۾ وڌا ويا، عمر قيد جون سزائون ڏنيون ويون، کين ڪوڙا هنيا ويا ۽ آخرڪار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو.هن چيو ته ان کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت سنڀالي. هن وڌيڪ چيو ته لڳ ڀڳ چاليهه کان پنجيتاليهه سالن کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف مليو، تنهن ڪري ئي اسان چوندا آهيون ته "ڀٽو زنده آهي”. هن چيو ته جمهوريت جي ماءُ بيگم نصرت ڀٽو پڻ وڏا ظلم برداشت ڪيا. اقبال ساند چيو ته آمر ضياءَ شهيد ڀٽو کي ڦاسي ڏني، ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا، جيلن ۾ وڌو، پر ان جي باوجود اسان ڪڏهن به انتقام جي سياست نه ڪئي.