خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ڪرپٽ ۽ نااهل آفيسرن خلاف بنا ڪنهن امتياز جي ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.
هن ڪابينا ميمبرن ۽ انتظامي سيڪريٽرين کي هدايت ڪندي چيو ته ڪرپٽ ۽ نااهل آفيسرن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هر کاتو پنهنجو شڪايت سيل وڏي وزير جي شڪايت سيل سان ڳنڍي.
وڏي وزير چيو ته هو عوامي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جو روزانو جائزو وٺندو، جڏهن ته وقت سر ازالو نه ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
سهيل آفريدي انتظامي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته کاتا هلندڙ مالي سال دوران ڊي ايف سي اسڪيمن جي تڪميل يقيني بڻائين.